16 جمعہ , نومبر 2018

طبقاتي نظام ۽ جاڙي جمعدار جي جرئت جو سوال

حافظ سڪندر تنيو

انساني غلامي جو ڪڌو ڪاروبار صدين کان هن ڌرتي ءَ تي هلندڙ رهيو آهي، ڏاڍا ماڻهو هيڻن تي حملا ڪري کين ڳچين ۾ ڳٽ وجهي جانورن جيان چوري ڪري، يا معمولي ملھه تي کين خريد ڪري کڻي هليا ويندا هئا، سموري دنيا منجهھ اهي ڏوھ ٿيندا رهيا هئا ۽ اڃا به آهن، ڪٿي ڪٿي سندن اڄ شڪليون بدليون آهين پراهي بدن ماڻھن جا، جن اڄ به حاڪمن ۽ ڏاڍن جي اڳيان  سيس نوايا ناهن، سي زندانن ۽ معاشي مصيبتن ۾ جڪڙيل آهين، سالن جا سال ماڻهو جائز حق گهرڻ عيوض، غدارن جي لقبن سان کين سڏي اونداهي ڪوٺين ۾ واڙيل آهن، ڪٿي آمريڪي جهڙو سڌريل سماج، ڪٿي وري هند ۽ سنڌ جو اشراف طبقو سڏجندڙ انساني غلامين مان آجو ٿي نه سگهيو آهي، ٻي وڏي لڙائيءَ کان پوءِ قومن جو گڏيل فورم جنيوا ۾ قائم ٿيو، جنهن ۾ اڄ سوين ملڪ سندس ميمبر ٿي چڪا آهين، انهن جي مينو فيسٽو ۾ غلامي تي بندش جي هڪ شق رکي ويئي آهي، سعودي عرب کي پڻ شوق جاڳيو ته هو به ان اقوامِ متحدہ جو ميمبر ٿئي، جڏهن هنن جو منشور کيس مليو ته سعودي سرڪار چيو ته سندن مذهب ۾ غلامي جائز آهي، اسين انکي جاري رکندا سين، اداري کين چيو يا غلامي کي ڇڏڻو پوندئو يا اسان جي اداري جي ميمبرشپ جي گھر نه ڪريو، آخر ڪار ملن جي مجلس شورا گهرائي کانئن اجازت ورتي ويئي ته ميمبر ٿيڻ لاءِ اهو زهر جو ڍڪ ڀريون ٿا. اهڙي طرح اسان جي سنڌ ۾ پڻ آفريڪي ڪاري چمڙي وارا ماڻهو وڪامجڻ لاءِ آندا ويا، جن کي وڏن ماڻهن هر طرح جي ڪم لاءِ خريد ڪيو، کين اڳتي هلي خاص خيلي يعني خاص خدمتگار جو نالو ڏنو ويو، جيڪو اڃا تائين سندن سڃاڻپ برقرار رکيو ٿو اچي، انهن ڪارن شيدين ۽ هتان جي لوڪل ماڻهن جون اڳتي هلي پاڻ ۾ شاديون ٿيڻ لڳيون، ان مان جيڪو مڪسپ ٿيل نسل پيدا ٿيو، ان کي گڊو سڏيو ويو، سنڌ ۾ شيدي، خاصخيلي ۽ گڊا اڄ به سڃاڻپ برقرار رکيو اچن ٿا، شيدين جي گهڻائي ڪراچي ۽ لاڙ پاسي رهي ٿي، گذريل مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ ماتلي شهر مان هڪ شيدياڻي عورت تنزيلا، ماتلي ٽائون ڪاميٽي جي چيئر پرسن ٿيڻ لاءِ ميدان تي آئي، پر پارٽي جي اونچي طبقي جي برهمڻن کيس اڇوت سمجهي اهو عهدو ڏيڻ جي مخالفت ڪئي، چيائون ته اسين ڀورن بدنن وارا، اڇي ڪلف جي ڪاٽن پهريل، هن لوئر ڪلاس جي عورت کي پاڻ کان مٿاهون سمجهي کيس مئڊم سڏيندي پنهنجي برهمڻيت جو صدين پراڻو اعزاز ڪيئن ٿا ڦٽو ڪري سگهون، انڪري محترما تنزيلا جي چيئرميني لاءِ سندس جو گهٽ ذات هجڻ رڪاوٽ بڻيو هيو، مونکي انتهائي خوشي ٿي جو اها عورت پيپلز پارٽي جي عورتن جي مخصوص ڪيل سيٽن تي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر بنجي آئي آهي، ان کان سوا ٻيو به هڪ ثواب جو ڪم پيپلز پارٽي پاران ڪرشنا ڪولهي نالي هڪ عورت کي سينيٽر جي سيٽ تي آڻي ڪيو ويو آهي، پي پي جي گهڻن غلط ڪمن سان گڏوگڏ هي چڱا ڪم به ڳڻي سگھجن ٿا. رڳو اسيمبلي ميمبر ٿيڻ سندن لاءِ اعزاز ناھي سندن اصل امتحان تڏھن شروع ٿيندو جڏهن هي سنڌ جي مسئلن ۽ پنهنجي پيڙهيل طبقي جي ڀلائي لاءِ قانون سازي ڪرڻ جي جدوجهد ڪنديون، باقي نه ته گونگن ۽ چرين ميمبرن جي ته وڏي فوج اسيمبليءَ ۾ ويهاري ويئي آهي.

آئون اسلامي تاريخ جو طالبعلم رهيو آهيان، ان ڪري پنهنجي لکڻين ۾ اسلامي شخصيتن جا حوالا لکندو آهيان، جن کي منهنجا پڙهندڙ گهڻو پسند ڪندا آهن. اسان جي ملڪ جو نئون وزيراعظم عمران خان جي نالي سان ڪرسي تي ويٺو آهي، ھن ڪرڪيٽ منجهان شهرت حاصل ڪئي گهڻن ماڻهن پنهنجي اولاد تي نالا عمران خان رکي ساڻس محبت جو اظهار ڪيو هيو، ھي ڪڏهين سيڪيولر ٿو محسوس ڪرائي ته ڪڏهن هٿ ۾ تسبيح ملائيت واري مالا جهپڻ جيان ڦيرائيندو ٿو رهي، ڪڏهن درگاهن تي سجدا ريز ٿو ٿئي، ته ڪڏهن مڪي ايئرپورٽ کان حرم پاڪ تائين پيرين اگهاڙي پنڌ ٿوڪري، سندس بيگم صاحبا جيڪا ملڪ جي خاتون اول بڻجي چڪي آھي، ساپڻ اسيمبلي ۾ ايندي منهن جي ستر کي ستن پردن ۾ لڪائي ميمبرن جي نظر بد کان بچڻ جي ڪوشش ڪندي ڏٺي ويئي آھي، نه عمران خان کي اسلامي اصولن جي خبر آهي، نه ئي سندس پيرڻي ڪنوار کي خبر آھي، اسلام اھڙي پردي جو حڪم ئي نٿو ڪري، جو سمورو بدن لڪائي ڇڏجي، اسلام صرف سينگار جا عضوا، ۽ ڍڪڻ جو حڪم ڪيو آهي، اسان جو وزيراعظم چوي ٿو ته هو ملڪ کي مديني واري فلاحي رياست بڻائيندو، ڏسون ته سندس نظام ضياء الحق وارو اسلامي ٿو اچي يا اسلام جو اوريجنل نظام ٿو لاڳو ٿئي، جنهن ۾ ڪائي اٽڪل سٽڪل ڏيکاءَ پسندي نه هلي سگهندي آهي. اسلام جو حقيقي نظام ڪوئي بني گالا، رائي ونڊ، يا بلاول هائوسز ۾ رهندڙ هرگز نٿا آڻي سگهن، اسلام سادگي ۽ قرباني گهرندو آهي، ھن جا حاڪم مٿو پٿرجي سر هيٺان رکي سمهندا هئا، رعيت جهڙي رهڻي ڪهڻي، کاڌو خوراڪ ۾ اڻڀي ماني کائي اوڳرايون ڏيندا هئا، آئون ايئن ڪين چوندس ته هوبهو اهڙو طريقو آڻجي پرگھٽ ۾ گهٽ گهڻا خرچ گهٽائي سگهجن ٿا، وزيراعظم هائوسز ۾ مهمانن کي ٻه طعام کارائڻ يعني دال ۽ فارمي مرغي کان وڌيڪ ٽين ڊش نه هجڻ کپي. جنهن اسلام جي نظام جي ڳالهه ڪجي ٿي ان طبقاتي نظام جا پٽڪا لاهي ڌوڙ ڪري ڇڏيا هئا، ڪعبي جي حرم ۾ غريب ماڻهو جنهن جي  بدن تي پورو لباس غربت ڪري پهريل نه هوندو هيو، انکي ڪعبي جا متولي ملا طواف ڪرڻ نه ڏيندا ھئا، بنو هاشم جي کوھ تان ڪوئي ٻانهو غلام پاڻي پيئڻ جو حقدار نه هيو، ڪعبي ۾ مڪي جي سردارن جون  مسخريون ۽ تاڙيون وڄنديون هيون، خدا جي زمين تي رڳو وڏن ماڻهن جي اٺن جا ٽولا چيزل شاھ جي وڳ جيان چرندا وتندا هئا.

اسلامي انقلاب هڪ يتيم ٻار ٽيويهن ورهين ۾ آڻي ڏيکاريو، پوءِ سردارانِ قريش کي مجلس ۾ ويهڻ لاءِ پوئتي جڳھه ملندي هئي، ڪرپشن جي سزا هٿ وڍڻ ڪئي ويئي هئي، تازي خبر آهي ته ملڪ جي هڪ وڏي سياسي خاندان جا ٻه ماڻهو ايف آئي اي جي سڏ تي بيان ڏيڻ لاءِ نه پيا اچن، سوشل ميڊيا تي بحث هيو ته اهڙن وڏن ماڻهن کي پڪڙڻ بشير ميمڻ ۽ نجف مرزا جي وس جي ڳالهه ناھي، آءُ اوهان کي هڪ قصو اسلامي تاريخ جو ٻڌايان ٿو، هڪ فوج جو وڏو ڪمانڊر هيو، جنهن ڪيترائي علائقا فتح پڻ ڪيا هئا، کيس اڄ جي دور جو فيلڊ مارشل سڏي سگهجي پيو، سندس گرفتاري جا وارنٽ هڪ معمولي ماڻهو جيڪو نسل در نسل وڪامندڙ ٻانهو ھيو، رنگ جو ڪارو حبشي، تاريخ کيس بلال حبشي جي نالي سان سڃاڻي ٿي، ان غلام کي وارنٽ ڏنا ويا، هن هزارن ۾ فوجي سپاهين جي سامهون سندس پڳ لاهي ان سان جنرل جون ٻانهون ٻڌي خليفي جي سامهون پيش ڪري ٿو، ڪنهنکي جرئت نٿي ٿئي جو ڪوئي ان تي آواز اٿاري، پر ھتي انور مجيد نالي هڪ ملزم کي هٿ ڪڙي هڻي جج جي ڪورٽ ۾ آندو ٿو وڃي، ته هو هٿ ڪڙي هڻڻ نٿو ڏئي، اها هن نظام جي ڪمزوري چئبي، جنهن ۾ غريب سياسي ورڪر ته سالن جا سال قيد خانن ۾به هٿ ڪڙين سميت بند ٿيل آھين، پر وڏو ماڻهو اڌ ڪلاڪ هٿ ڪڙي هڻڻ نٿو ڏئي، جيڪڏهن نظام  ۽ ادارا مضبوط هجن ته ڪوئي ايس ايس پي رينڪ جو نه پر پنجين گريڊ جو جاڙو جمعدار ئي ڪيڏو به وڏو ماڻهو ڏوهاري ڇو نه هجي، کيس ڪورٽ ۾ آڻي سگهي ها، انڪري هاڻي ادارن کي مضبوط بڻائي جاڙي جمعدار کي جرئت ڏيڻي پوندي، تڏهن سوسائٽي سلامتي حاصل ڪري سگهندي.هينئر جرئت ڀريا فيصلا جيڪڏهن نه ڪبا ۽ جاگيرون وڏيرن چوڌرين کان نه کسبيون تيسين ملڪ جو چرخو سکڻو هلندو رهندو ۽  ڪابه سٺي شيءَ ڪتي ڪانه سگهبي، وزير اعظم جي ٻي ترجيح تعليم جي سڌاري بابت آهي، ھن ڪي پي ڪي ۾ تعليم تي سٺو ڪم ڪيو هيو، جو لکين ٻار پرائيويٽ اسڪولن مان نڪري سرڪاري اسڪولن ۾ سستي ۽ معياري تعليم حاصل ڪرڻ لڳا، اهڙو انتظام ٿيڻ کپي جو هڪ هاريءَ جو پٽ ، وزير اعظم جو پٽ ، هڪ جنرل جو پٽ ، هڪ ڪرپٽ ڪاموري جو ۽ هڪ سياسي پيٽ وڏي جو پٽ، هڪ ئي اسڪول ۾ پڙهي سگهن، ته مقابلي جا امتحان پوءِ مزا ڏيندا، تعليم بابت وري تاريخ ڏي موٽ کانوان ٿو، مديني جي نئين رياست ۾ پڙهيل ماڻهو بنھ ٿورا هئا، سرڪاري وهنوار پڙهيل ماڻهو ئي هلائي سگهندا آهين، مون جهڙا اڻپڙهيل ملان رڳو ختمن جي ماني کائڻ لاءِ هوندا آهن، سو مڪي جا مشرڪ بدرجي جنگ ۾ قيد ٿي آيا، جن ۾ ڪي پڙهيل ماڻهو به هئا، تن پڙهيلن کي چيو ويو ته اوهان اسانجي ٻارن کي لکڻ پڙهڻ سيکاريو ته اوهان کي آزاد ٿا ڪريون، انهن ٻارن ۾ غلام زادي، زيد جو پٽ اسامه پڻ هيو، ھن تعليم پرائي رسول ڪريم کيس فوج جو ڪمانڊر بنائي شام جي بارڊر تي موڪليو، وڏا تمندار قريش جا سردار سندس ڪمان هيٺ ڏنا ويا، پيغمبر جي وفات سبب هو فوج واپس موٽائي آيو ، نئين خليفي حضرت ابوبڪر وري به کيس ئي ڪمانڊر مقرر ڪيو، فوج جنهن مهل رواني ٿي رهي هئي ته وقت جو خليفو سندس گهوڙي جون واڳون هٿ ۾ جهلي، گهوڙي تي ويٺل اسامه جي اعزاز لاءِ پاڻ پنڌ ڪندي مديني کان ٻاهر تائين اچي کيس رخصت ڪيو. ان تعليم جي سرشتي طبقن جي ٺاھيل محلن کي ڊاهي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو هيو. اڄ اسين آمريڪا تي هڪ لاهيون ٿا ٻي چاڙھيون ٿا، پر ستر ورهيه اڳ آفريڪا جي ڪاري ماڻهن جي ملڪ ڪينيا مان هڪ شخص بک بي روزگاري سبب لڏي آمريڪا هليو ويو، اتي کيس ڪوئي چڱيرڙو ڪم نه مليو هن سالن جا سال هوٽلن تي ويٽر (بيرو)بڻجي نوڪري ڪئي، اتان ئي شادي ڪيائين، زال کي ساڻ ڪري ڪينيا هليو آيو، سندس پٽ ناني ءَ وٽ آمريڪا ۾ پلجڻ لڳو، هڪ ڏينهن اهو ڪاري رنگ جو ڇوڪرو بارڪ حسين اوباماآمريڪا جو صدر بڻجي ويو، سموري آمريڪا سندس چونڊجڻ تي خوشيون ملهايون ، پر هتي اسان وٽ ڪوئي هوٽل جو بيرو، موچي جو پٽ ڪڏهن صدر ٿي سگهندو؟ اسان جي اشرافيه سڏجندڙ مخلوق ڪنهن ڀيل ڪولهي کي ته ڇڏيو، پر هڪ سادڙي مسلمان جي هٿ جو پاڻي پيئڻ به پاڻ تي حرام سمجهندي آهي، پر آمريڪا، انڊيا ۾ غير هندو، مذهب وارا، مسلمان ۽ سک وڏن عهدن تي ويٺل نظر آيا رهيا آهين، ملڪ کي خوشحالي تڏهن ملندي جڏهن ايماندار ماڻهو بنا مذهبي فرق جي هڪ جهڙا شهري سمجهيا ويندا، قائداعظم پدڻ اهو ئي چيو هيو ڪوئي هندو، مسلم، سک، عيسائي مذهبي رسمن جي ادا ڪرڻ کان روڪيو نه ويندو، ماڻهن جا ڪيترائي مذهب هجن پر سرڪار جو ڪوئي مذهب نه هوندو، انڪري پهريون ملڪ جو نالو ريپبلڪ (جمهوري) پاڪستان رکيو ويو بعد ۾ کيس اسلامي جمهوري جو تمغو پڻ عطا ڪيو ويو، اميد ٿي ڪجي ته نئين گورنمينٽ نئون پاڪستان ڏيندي،جنهن ۾ ترجيح ملڪ جي چورايل دولت کي واپس آڻڻ، سندس اولين مشن بڻيل هجڻ کپي، جنهن ۾ چورن کان چورايل ملڪيت واپس آڻائي وڃي ۽چورن کي ٽيليويزن تي پڙهو ڏياري چيو وڃي ته هو ڇهن مهينن اندر ٻاهر موڪليل دولت واپسي خزاني ۾ جمع ڪرائين، ڇهن مهينن کان پوءِ جيڪڏهن ملڪيت نه موٽي ته سندن هٿ ڪراين کان ڪپيا ويندا، عدالتي نظام پڻ اهڙو ھجڻ کپي، جو جج ائين نه چوي ته فلاڻو ڪيس هلائڻ سبب سندس حياتي کي خطرو ٿي پيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

غير فعال بڻجندڙ حڪومتون ۽ پارليامينٽ !

شفيق الرحمان شاڪر چوڻ لاءِ ته چئي سگھجي ٿو ته ڪجهه عرصو پهرين ٿيل عام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے