20 منگل , نومبر 2018

سنڌ جو گورنر ڪير ٿيڻ گهرجي.؟

ذوالفقار راڄپر

پاڪستان پنهنجي جنم جي انتهائي مختصر عرصي بعد ٻاهران آيل قبضه گير سياستدانن، لکين ماڻهن جي هجوم ۽ پنجاب جي سول ۽ فوجي ڪامورا شاهي جي حوالي ٿيڻ بعد جن سياسي، معاشي، حڪومتي، انتظامي ڏيوالن جو شڪار ٿيو، اهي اڄ به نه فقط موجود آهن، پر انهن ۾ نت نوان واڌارا ٿي رهيا آهن. تازين چونڊن کان گهڻو وقت اڳ ۽ اڄ جي صورتحال جو جڏهن جائزو وٺڻ ۽ ان تي تحقيق ڪئي ويندي ته ان ۾ پارلياماني سياست ڪندڙ ڌرين ۽ اڳواڻن طرفان لڪل آڱرين ۾ پل ڏور وسيلي پتلي تماشو ٿيڻ، هڪٻئي خلاف ڪرسي ۽ ننڍڙي نوڪري وٺڻ ۽ ڏوهن کي درگذر ڪرڻ وارن مطالبن جي چڪر ۾ پتلي تماشو ڪندڙ ادارن وٽ هڪٻئي خلاف شاهديون ڏيڻ، سياسي نظام کي ڪمزور ڪرڻ، سياستدانن کي چور ۽ لٽيرو ثابت ڪرڻ هڪٻئي کان جيڪا گوءِ کڻڻ جي غدارڻي سازش ڪئي، ان تي تحقيق ڪندڙ جو به شرم کان ڪنڌ جهڪي ويندو. شايد اهڙي صورتحال ۽ ان کان اڳ واري سموري پاڪستاني تاريخ جي حالتن ڪري قائداعظم محمد علي جناح آخري گهڙين تائين پاڪستان نه پي ٺاهڻ چاهيو ۽ سندس خواهش هئي ته گڏيل هندوستان قائم رهي. پاڪستان ٺاهڻ بعد جنهن فوجي آفيسر طرفان سياست ۾ دلچسپي وٺڻ تي جناح هن جا بيج لهرائي ڇڏيا. اهو جناح جي موت يا قتل بعد فوج جو سربراهه ٿي ويو ۽ سمورا کوٽا سڪا هن ملڪ جا وارث ٿي ويا.

پاڪستان ٺهڻ بعد هن ملڪ جي حق م قرارداد پاس ڪندڙ سنڌ سڀ کان وڌيڪ نقصان ۽ خساري جو شڪار ٿي، آزاد رياست بدران غلام ۽ قبضي هيٺ آيل صوبو بڻجي ويو، جنهن جو سڀ کان وڏو مثال سنڌ جو تخت گاهه ڪراچي شهر آهي، جيڪو اڄ ڪروڙ کان وڌيڪ ڌارين ۽ غيرقانوني طور آيل پرڏيهين جي قبضي جو شڪار بڻيل آهي، جنهن جي آکاڻي ڪراچي پاڻ ٻڌائيندي رهي ٿي. ان ئي شهر ۾ هڪڙي قديم عمارت ”گورنر هائوس“ موجود آهي، جيڪو به شهر جي ٻين وڏين تاريخي عمارتن وانگر ڄڻ ته قبضي هيٺ آهي، جو هاڻي ان ۾ وفاق جو وائسراءِ ڪو سنڌي نه ٿو  ٿي سگهي. گورنر هائوس لاءِ ڪراچي جي تاريخ لکندڙن موجب برطانوي دور ۾ تعمير ٿيندڙ پهرين عمارت آهي. انتهائي ڪشادي ۽ وڏي ايراضي تي موجود اها عمارت 1845ع ۾ سر چارلس نيپيئر پنهنجي رهڻ لاءِ تيار ڪرائي هئي، جيڪا هن جي نجي ملڪيت هئي. جنهن کي برطانوي سرڪار 1847ع ۾ چارلس نيپيئر کان 48 هزار رپين ۾ خريد ڪري ان کي گورنر هائوس ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ بعد ۾ برطانوي حڪومت جا سنڌ ۾ مقرر سمورا ڪمشنر هن عمارت ۾ ئي رهندا هئا ۽ ڪمشنر جان جيڪب هن عمارت کي وڌائيندي ان ۾ پهرين ماڙ تعمير ڪرائي هئي. پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌ جو پهريون گورنر سر غلام حسين هدايت الله به ان عمارت ۾ رهيو هو، ان بعد ٻه نامور سنڌي سياستدان مير رسول بخش ٽالپور ۽ ممتاز ڀٽو پڻ سنڌ جي گورنر جي حيثيت ۾ گورنر هائوس کي سنڀاليو. 1972ع ۾ سنڌي ٻولي جي فسادن بعد مرحوم ذوالفقار علي ڀٽو بيگم رانا لياقت علي خان کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو. ان بعد سنڌ جو گورنر هائوس سنڌي گورنر ٿيڻ لاءِ ممنوع بڻجي ويو. پر فوجي آمر پرويز مشرف طرفان سول حڪومت تي قبضي بعد محمد ميان سومرو ۽ رٽائرڊ ايئر مارشل عظيم دائود پوٽو ٿوري وقت لاءِ سنڌ جا گورنر مقرر ٿيا، ان بعد سنڌ جي گورنرن جي نالن ۾ پرويز مشرف جي لاڏلي گورنر عثرت العباد سنڌ جي گورنر هائوس کي سنڌ ۽ ملڪ دشمن دهشتگردن جو آکاڙو بڻائي ڇڏيو هو. آئين موجب گورنر صرف وفاق جو نمائندو هوندو  آهي، پر گذريل نواز ليگ حڪومت جي گورنر محمد زبير مڪمل طور سياست ڪئي.

اڄ جڏهن وفاق ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اتحادي حڪومت قائم ٿي چڪي آهي، تڏهن هڪ دفعو وري هڪ غير سنڌي گورنر عمران اسماعيل کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو اڄ پنهنجي عهدي جو قسم کڻندو. عمران اسماعيل پنهنجي گورنر مقرر ٿيڻ کان اڳ ئي سنڌ ۽ سنڌي عوام جي دل ڏکائيندي سنڌ ۾ غيرقانوني طور موجود آبادي کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڏيڻ جي حق ۾ ڳالهائيندي پاڻ کي عشرت العباد جو جانشين  قرار ڏئي ڇڏيو آهي، ان کانپوءِ ٻيو مسئلو اهو اٿي پيو آهي ته عمران اسماعيل وٽ گريجوئيٽ جي به ڊگري نه آهي ۽ هو صرف 12 درجا پاس آهي. ان اعتراض تي وري سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته ملڪ جو صدر به ته مئٽرڪ پاس رهي چڪو آهي. جڏهن ته تعلمي ماهرن جي راءِ آهي ته اهو سٺو نه ٿو لڳي ته انٽر پاس گورنر يونيورسٽين جو چانسلر ٿي ۽ ڊگرين تي صحيح ڪري ۽ وائيس چانسلر مقرر ڪري. ٻئي طرف آئيني ماهرن موجب گورنر مقرر ڪرڻ لاءِ ڪنهن تعليمي ڊگري يا قابليت جي حد مقرر نه ٿيل آهي،. جيڪا هاڻي آئين ۾ شق رکي وڃي ته هو گورنر گهٽ ۾ گهٽ پوسٽ گريجوئيٽ يا پي ايڇ ڊي پاس کي ٿيڻ گهرجي. گورنر سنڌ جو هجي، يا ڪنهن ٻي صوبي جو گورنر جي تعليمي قابليت گهٽ هجڻ سبب اهو اخلاقي طور به غلط آهي ته ڪو انٽر پاس شخص گورنر ٿي اعليٰ ڊگرين تي صحيح ڪري ۽ يونيورسٽين جا پي ايڇ ڊي پاس شخص گورنر مقرر ڪري. فواد چوڌري جيڪڏهن اهو چئي ته مئٽرڪ پاس شخص ملڪ جو صدر هو ته پوءِ ڇا تحريڪ انصاف پنهنجي پسنديده شخص کي گورنر مقرر ڪرڻ لاءِ اڳين ڪيل غلطين ۽ ناجائزين کي ڍال بڻائي سٺو عمل نه ڪري رهي آهي. ان صورتحال ۾ جيڪڏهن عمران اسماعيل سنڌ جو گورنر ٿي ويو آهي ته هو هاڻي پاڻ کي اڳوڻو گورنر عشرت العباد بڻجڻ بدران سنڌ جو خادم بڻجي، گورنر هائوس ۾ وفاق طرفان آيل فنڪارن ۽ ٻين ڪمن لاءِ آيل رقم ۽ ان جي خرچ جي آڊٽ کي به پڌرو ڪري ڏيکاري ۽ ان ڳالهه به يقيني بڻائي ته سنڌي فنڪارن، ڪراچي سميت سڄي سنڌ  جي اسڪولن، يونيورسٽين، اديبن ۽ شاعرن سميت سنڌ جي عام ماڻهو تي وفاق جو آيل پئسو خرچ ڪري ڏيکاريندو، گورنر هائوس ۾ سنڌي ملازمن جي کوٽ کي پورو ڪندو ۽ هو اهو ممڪن هجي ته هو اخلاقي طور وڏي تعليمي ڊگري نه رکڻ ڪري اخلاقي طور استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. ۽ سنڌ جي گورنر هائوس کي تاريخي عمارت قرار ڏئي ان کي خالي ڪرڻ ۽ گورنر هائوس ٻي هنڌ مقرر ڪرڻ جو به اعلان ڪري ۽ اڳتي سنڌ جو گورنر اعليٰ تعليم آفته ۽ سنڌي ٿيڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏو ليڊر ٿيڻ لاءِ مارڪيٽ ۾ آيل ”يوٽرن“ جو نئون نسخو

امير ڀنڀرو ٻه  ڏينھن اڳ  ڪالم نويسن سان ملاقات دوران وزيراعظم عمران خان پنھنجي اصليت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے