13 منگل , نومبر 2018

نيوز: مٺي: ميگهواڙ برادري جي ماڻهن جو بااثرن خلاف احتجاج

Mithi: Protest by Meghwar community against influential*مٺي ۾ ميگهواڙ برادري جي ماڻهن دل برادري جي بااثرن ڀوتارن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج ڪيو .

  ڳوٺ ڪانٽيو جي ميگهواڙ برادري جي سوين ماڻھن احمد دل،ولي دل،منو دل،نبي بخش دل،جلو دل ۽ ٻين خلاف ڪشمير چوڪ تي ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي ۽ مدن گوپال بيراڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

واشديو ميگهواڙ،گورڌن ميگهواڙ، سمترا منجياڻي ، پريتم سنجناڻي  ٻين چيو ته دَل برادري جي ماڻھن سندن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي جنھن سبب اڄ ڏھ گهر لڏپلاڻ ڪري چيلھار روانا ٿي ويا آھن.

 هنن چيو ته ٻه ڏينھن اڳ پوليس اهلڪار  انيل ڪمار کي لٺن ڪھاڙين جا وسڪارا ڪري بااثرن  اڌ مئو ڪري ڇڏيو جنھن بيهوشي حالت ۾ ڇاڇرو سول اسپتال نيوويو جتان کيس  حيدرآباد ريفر ڪيو آھي.

 هنن چيو ته چئن ورهين کان بااثر کين تنگ ڪري رهيا آهن پر پوليس توڙي علائقي جا چونڊيل نمائندا ۽ چڱامڙس سندن ڪابه مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهن .

 هنن مطالبو ڪيو ته بااثر دَل برادري جي ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻي  صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو…………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪابل: افغانستان ۾ چڪرين دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۽ ٻن صوبن ۾ چڪرين سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے