16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز: ڌاٻيجي:عوامي تحريڪ پاران سنڌو درياءُ تي ڊيم ٺاهڻ خلاف احتجاج

Dhabeji: Protest against building dam named Sindhu*ڌاٻيجي ۾ عوامي تحريڪ پاران سنڌو درياءُ تي ڊيم ٺاهڻ، پاڻي جي کوٽ ۽ڪوهستان جي ونڊ ڪمپنين مان مقامي ماڻهن کي نوڪرين مان بيدخل ڪرڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان بک هڙتال ڪئي وئي .

عوامي تحريڪ جي  ڪارڪنن بلاول لاشاري، گھنور خان زئور، ايوب انڙ ھوت خان ڪلمتي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌو درياءَ اسان سنڌين جي ملڪيت آهي، سنڌو درياءُ تي ڪالاباغ ڊيم سميت ڪوبه ڊيم قبول نه ڪيو ويندو.

 هنن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي جنهن ڪري زراعت تباهه ٿي وئي آهي ۽ ڪنوار جهڙيون سهڻيون زمينون اجڙي ويران ٿي ويون آهن .

 هنن مطالبو ڪيو ته تڪراري ڪالاباغ ڊيم جو رينگٽ بند ڪري سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو ……………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:پکو: سيارو اچڻ بعد مڇي جو واهپو وڌي ويو

* اتر جو واءُ لڳڻ ۽ سياري جي ٿڌ شروع ٿيڻ شرط ئي پکي شھر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے