15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: حيدرآباد: غنويٰ ڀٽو جي پئٽرول پمپ تان ڦر، 30آگسٽ تي احتجاج جو اعلان

Hyderabad: Robbery from Ganwa Bhutto petrol pump, Protest planned for 30th of August* پ پ شهيد ڀٽو پاران غنويٰ ڀٽو جي پئٽرول پمپ تان ڦر ۽ ملازم جي قتل خلاف 30آگسٽ تي سموري سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آهي.

حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻن عبدالمجيد سيال، پيرل مجيداڻو ۽  ٻين چيو ته رتوديرو ۾ غنوا ڀٽو جي پيٽرول پمپ تان ڦر ۽ ملازم جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري نه ٿيڻ خلاف 30 اگسٽ تي سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو

هنن چيو ته 25 آگسٽ تي رات جو 9 وڳي  ٽن کان وڌيڪ هٿياربندن پيٽرول پمپ تان ڏيڍ لک روپيا ڦر ڪئي ۽  مزاحمت ڪرڻ تي  جوابدارن فائرنگ ڪري پيٽرول پمپ ملازم علي حسن عمراڻي کي سخت زخمي ڪيو جنهن بعد هو فوت ٿي ويو  .

هنن چيو ته ڄاڻايل جوابدارن جي خلاف حد جي ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي پر جوابدار گرفتار نه ٿا ڪيا وڃن

هنن چتاءِ ڏنو ته ڦر ۽ قتل واقعي ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ته سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو….

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم | پروگرام : ڳالهه ٻولهه

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم| ڳالهه ٻولهه | …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے