18 اتوار , نومبر 2018

نيوز: سکر:شھيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ايمپلائيز ويلفيئر ايسوايشين جو احتجاج

Sukkur: Protest by Shaheed Benazir bhutto medical university Employees welfare association *سکر ۾ شھيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ايمپلائيز ويلفيئر ايسوايشين پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري ايم سي ڪاليج ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو .

ملازمن رياض احمد ڀيو. ذوالفقار شر . نور محمد ھليو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ملازمن جي جائز مسئلن خاص ڪري ليو انڪيشمينٽ، سن ڪوٽا،وردي الائونس سميت ڪيترا ئي جائز مسئلا حل نه ڪيا پيا وڃن

 ھنن چيو ته ايم ايس بي بي ايم يو  لاڙڪاڻو ننڊن ملازمن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رھيو آھي.

 هنن گهر ڪئي ته سندن سموري مطالبا ترت حل ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ……

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : ڪشمور  ۾ سکر بيگاري بند ڊويزن ايريگيشن  جي ڪلارڪ   خلاف  بيروزگار نوجوان  جو  احتجاج

ڪشمور  ۾ سکر بيگاري بند ڊويزن ايريگيشن عملدارن  خلاف  بيروزگار  احتجاج ڪيو . نوجوان عنايت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے