13 منگل , نومبر 2018

نيوز: چوهڙ جمالي: مال جي ڀيل تان مڙهائي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، نوجوان قتل

Chuhar Jamali: Jahooor, young murder in the two girls' community all over the house*چوهڙ جمالي ويجهو مال جي ڀيل تان مڙهائي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، ڪهاڙيون لڳڻ سبب نوجوان قتل ٿي ويو .

ڳوٺ جيئند زنگيجو ۾ مال جي ڀيل تان ٿيل جيهڙي ۾ 28 سالا نوجوان دائود مڙھائي مارجي ويو .

جيهڙي دوران نوجوان دائود زخمي ٿي پيو جنهن کي رورل هيلٿ سينٽر چوهڙ جمالي آندو ويو جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کيس ٺٽو اسپتال ريفر ڪيو ويو جتي زخمن سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

قانوني ڪارروائي ۽ پوسٽ مارٽم بعد نوجوان جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو ، لاش گهر پهچڻ ٽي ڪهرام مچي ويو…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڀريا سٽي: ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 10 ڄڻا زخمي

 ڀريا سٽي ڀرسان سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جيهڙي جي نتيجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے