14 بدھ , نومبر 2018

نيوز: شيخ ڀرڪيو: عيد کان لڳايل چار ڏينهن واري ڪوڏي ڪوڏي ٽورنامينٽ پڄاڻي تي پهتي

Shaikh bhirkhiko: Four-day-old co-pick-up from Eid at the tournament end*شيخ ڀرڪيو ۾ عيد کان لڳايل چار ڏينهن واري ڪوڏي ڪوڏي ٽورنامينٽ پڄاڻي تي پهتي.

ڪوڏي ڪوڏي جي رانديگر عبدالشڪور عرف ڪاڪو کوکر پاران ڪرايل ٽورنامينٽ ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان گهرايل رانديگرن حصو ورتو.

ٽورنامينٽ جي مهمان خاص پي ايس 61 تي پ پ سامهون اليڪش ڪندڙ سردار حاجي خير محمد کوکر جي فرزند يوسي کوکر جي چيئرمين شهزادا ذوالقرنين کوکر سميت حاجي ايس ٽي پي اڳواڻ اورنگزيب شيخ, عبدالمجيد ڪمبوه , صحافي محمد ابراهيم لغاري , رئيس گلزار لغاري , غلام مصطفئ مزاري , رئيس حاجن خان لغاري  ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

حاجي محمد اسماعيل مسرڪ، عبدالشڪور ڪنڀر، ڊاڪٽر علي بخش چانڊيو، جهنڊو سولنگي، ايس ايڇ او فريد احمد جٽ، صحافي  ايڊووڪيٽ عباس علي ٿهيم ۽ ٻين رانديگرن کي خوب داد ڏنو.

 بابو وساڻ ، ڪريم بخش شيخ، نم سنڌي، ملڪ رياض، شبير احمد ڪشميري، قربان ڪشميري، رئيس اشفاق جروار، محبت خان لنڊ سميت ٻين معززن رانديگرن کي انعام ڏنا.

ٽورنامينٽ ۾رانديگرن شيخ ڀرڪيو ٽيم جي ڪپتان عبدالشڪور عرف ڪاڪو کوکر، ايوب سيال، علي حيدر سيال، ساجن ٻرڙو،  مرتضيٰ هتار  سميت ماتلي ٽيم جي رانديگرن ڪاليا خاصخيلي، ڪامي شيدي سميت ٻين  سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي انعام ماڻيا……

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ملڪي معيشت ۾ پاڪستان جي عورتن جو ڪردار اهم آهي: زبير محمود حيات

چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات چيو آهي ته پاڪستان بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے