14 بدھ , نومبر 2018

خاور مانيڪا کي روڪيندڙ ڊي پي او بدلي

پاڪپتن (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا کي ناڪي تي روڪيندڙ ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر جي بدلي ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب پوليس 23 آگسٽ تي خاور مانيڪا کي ناڪي تي روڪڻ جو اشارو ڪيو هو پر هو نه بيٺو، جڏهن پوليس سندس ڪار کي روڪيو ته هن غلط ٻولي استعمال ڪئي. ذريعن موجب واقعي کانپوءِ پنجاب حڪومت آر پي او ۽ ڊي پي او رضوان گوندل کي 24 آگسٽ تي طلب ڪيو. پوليس ذريعن موجب ان موقعي تي ڊي پي او رضوان گوندل کي خاور مانيڪا جي ديري تي وڃي معافي گهرڻ جو حڪم ڏنو ويو پر ڊي پي او اهو چئي معافي گهرڻ کان انڪار ڪيو ته ان ۾ پوليس جو ڪو ڏوهه ناهي، پوءِ رضوان گوندل پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار کي به خاور مانيڪا کان معافي نه گهرڻ بابت آگاهي ڏني. رپورٽن موجب نوٽيفڪيشن جاري ڪندي ڊي پي او رضوان گوندل جي بدلي ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب ڊي پي او جي بدلي خاور مانيڪا کان معافي نه گهرڻ تي ڪئي وئي آهي. ان معاملي تي انسپيڪٽر جنرل پنجاب سيد ڪليم امام جو چوڻ آهي ته ڊي پي او پاڪپتن رضوان گوندل کي ڪنهن دٻاءَ نه پر غلط بياني تي تبديل ڪيو وي، شهري سان اهلڪارن جي بدتميزي تي ڊي پي او غلط بياني سان ڪم ورتو، ٽرانسفر آرڊر کي غلط رنگ ڏيڻ، سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ تي رضوان گوندل خلاف انڪوائري جو حڪم ڏنو ويو آهي. آءِ جي پنجاب موجب پوليس آفيسر طور غير ذميواراڻي رويي ۽ غلط بياني تي رضوان گوندل کي تبديل ڪيو ويو، بدعملي ۽ سينيئرن کي گمراهه ڪندڙ آفيسر ۽ اهلڪار رعايت جا حقدار ناهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ سٽي اسڪول ۽ بيڪن هائوس اسڪول جي ريجسٽريشن معطل

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) تعليم کاتي سٽي اسڪول ۽ بيڪن هائوس اسڪول جي سموري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے