15 جمعرات , نومبر 2018

اپوزيشن وڙهي يا ٽُٽي فرق نٿو پوي، عارف علوي صدر بڻجندو: شفقت محمود

لاهور (ويب ڊيسڪ) تعليم ۽ ادبي ورثي بابت وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته تحريڪ انصاف جا نمبر پورا آهن، عارف علوي صدر بڻجي ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته اپوزيشن وڙهي يا ٽٽي اسان کي فرق نٿو پئي، تحريڪ انصاف وٽ اڪثريت آهي. هن چيو ته مخالف پارٽيون ذاتي مفادن لاءِ گڏيون آهن، اسان کي ڪو مسئلو ناهي، ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي ۾ مورثي سياست آهي. شفقت محمود چيو ته پيپلز پارٽي رڳو سنڌ تائين محدود ٿي وئي آهي، هاڻ اها قومي جماعت بڻجڻ جي ڪوشش پئي ڪري پر تحريڪ انصاف جو متبادل نٿي ٿي سگهي. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ هاڻ چئني صوبن جي پارٽي بڻجي وئي آهي، ان جي نمائندگي چئني صوبن ۾ آهي، ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي صدر لاءِ بهترين اميدوار آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے