16 جمعہ , نومبر 2018

دنيا جي ٻي ٽن ڪئميرائن واري سمارٽ فون متعارف

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) اوپو دنيا جي ٻي ٽن بيڪ ڪئميرائن واري سمارٽ فون آر 17 پرو متعارف ڪرائي ڇڏي آهي، اها فون چين ۾ متعارف ڪرائي وئي آهي، جيڪا اوپو آر 17 کان بهتر ورزن آهي. ان فون کي آڪٽوبر ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو ويندو، جنهن جي قيمت 4299 چيني يوآن (لڳ ڀڳ 78 هزار پاڪستاني رپيا) هوندي. ان فون ۾ 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج ڏني ويندي، جڏهن ته بيڪ تي اها فون رنگ تبديل ڪندي محسوس ٿيندي. اوپو آر 17 پرو جي خاص ڳالهه ان جي پُٺ تي ٽن ڪئميرائن جو سيٽ اپ آهي، جيڪو ان کان اڳ هواوي پي 20 پرو ۾ نظر آئي هئي. اوپو جي فون ۾ هڪ ڪئميرا 12 ميگا پڪسل، ٻي 20 ميگا پڪسل، جڏهن ته ٽين ٽي او ايف ٿري ڊي اسٽريو ڪئميرا سينسر سان ليس هوندي. ان فون ۾ 6.4 انچن جو فل ايڇ ڊي پلس ڊسپلي ڏنو ويو آهي، جڏهن ته بيزل نه هجڻ برابر آهي، ان سان گڏوگڏ واٽر ڊراپ ڊزائن ڏني وئي آهي، جيڪا ان ڪمپني جي ايف 9 جهڙي آهي. ان فون ۾ ڪوالڪوم اسنيپ ڊريگن 710 پراسيسر ڏنو ويو آهي، جڏهن ته اينڊرائيڊ اوريو 8.1 آپريٽنگ سسٽم ڪمپني پنهنجي ڪلر او ايس 5.2 سان آندو آهي. اوپو آر 17 پرو ۾ 3700 ايم اي ايڇ بيٽري ڏني وئي آهي، جڏهن ته اها ڊوئل سمارٽ فون آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سام سنگ جي پهرين فولڊ ايبل سمارٽ فون جي قيمت سامهون اچي وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)دنيا جي مشهور سمارٽ فون جي ڪمپني  سام سنگ گذريل هفتي هڪ تقريب ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے