15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن  مطالبن جي مڃتا لاءِ  احتجاج

Jamshoro: Protest by students of Sindh University for accepting the demands of workers*ڄامشوري ۾  سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن  مطالبن جي مڃتا لاءِ  احتجاجي مظاهرو ڪيو .

سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن غلام نبي ڀلائي  جي اڳواڻي ۾ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي انتظاميه خلاف  نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ملازمن چيو ته ملازمن کي الاٽ ڪيل پلاٽن تي بلا جواز ڪم ڪرائڻ جي اجازت نٿي ڏني وڃي.

هنن چيو ته ڪيترن ئي سالن کان  گريڊ نه پيا وڌايا وڃن ۽ الائنس پڻ روڪيا ويا آهن جيڪا پڻ سراسر نا انصافي آهي.

 ان موقعي تي ملامن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن سندن  جائز مسئلا 4 سيپٽمبر تائين حل نه ڪيا ويا ته 5 تاريخ کان احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي…………………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:شادي پلي: صفائي نه ٿيڻ خلاف شهرين جو احتجاج

* شادي پلي ۾  ٽائون انتظاميا جي نااهلي ۽ غفلت سبب شهر گندگي جي ڍير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے