19 پیر , نومبر 2018

نيوز: سکر: شڪارپور مان اغوا ٿيل 2 ڄڻا آزاد نه ٿيا، انڍڙ برادري جو احتجاج

Sukkur: Protest for the release of 2 kidnapped people*سکر  ۾  شڪارپور جي علائقي محمودآباد مان اغوا ٿيل ٻه ڄڻا آزاد نه ٿي سگھيا انڍڙ برادري پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو .

انڍڙ برادري جي ماڻهن  خان محمد انڍڙ، راڻو نڍڙ، مولاداد انڍڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي  ۾ اجتجاج ڪيو .

ان موقعي تي خطاب ڪندي ڳوٺاڻن ٻڌايو ته انعام يافته  ڌاڙيل قربان جتوئي عرف ڪرم جتوئي سندن جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي .

ان موقعي تي خطاب ڪندي ڳوٺاڻن چيو ته علائقي جي ماڻھن ڌاڙيل کي  سوگھو ڪري پوليس جي حوالي ڪيو پر پوليس پئسه وٺي کيس ڇڏي ڏنو.

 هنن ٻڌايو ته ان کانپوءِ  ڌاڙيل قربان جتوئي سندن نوجوانن غلام سرور ، نبي بخش انڍڙ کي اغوا ڪيو آهي .

هنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته سندن نوجوانن کي ترت ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: اپٿورو: مختلف شعبن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا

پٿوري ۾ سڄاڻ ڌرين پاران تقريب ڪوٺائي مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن کي مڃتا ايوارڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے