16 جمعہ , نومبر 2018

رپورٽ: لاکاروڊ : ريلوي اسٽيشن غيرفعال، ريل گاڏين جا اسٽاپ بحال ڪرائڻ جو مطالبو

Lakharoad: Railway station damaged, stations going to be destroyed completely*روڊ رستا ٽٽل، زرعي ۽ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ سميت ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار لاکاروڊ شهر جي ريلوي اسٽيشن به ويران بڻيل آهي.

ريلوي اسٽيشن غير فعال هجڻ ڪري رهواسي سستي سفر کان محروم هجڻ سميت ڪاروبار ۾ پڻ ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

1898 ع ۾تعمير ٿيل هن ريلوي اسٽيشن تي ڇهن گاڏين جا اسٽاپ هوندا هئا جتان ڪيترائي ماڻهو مختلف شهرن ڏانهن سفر ڪندا هئا پر اڄ هن اسٽيشن تي نمن جا وڻ به مسافرن جي انتظار ۾ آهن.

عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي رهواسين جو چوڻ هو ته شهر جي ريلوي اسٽيشن غير فعال هجڻ ڪري سهولت کان محروم آهن، نوٽيس وٺي لاکاروڊ ۾ريل گاڏين جا اسٽاپ بحال ڪرايا وڃن…….

رهواسين مطالبو ڪيو آهي ته لاکاروڊ جي ريلوي اسٽيشن کي بحال ڪرائي عوام کي سستي سفري سهولتن فراهم ڪئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڳاڙهو: ملٽيزر انٽرنيشنل طرفان ڳوٺ حاجي صديق شاھ ۾ تلاءَ جو افتتاح

ڪيٽي بندر ۾ ڪم ڪندڙ ملٽيزر انٽرنيشنل طرفان يوسي ٻيٽ ميھار جي ڳوٺ حاجي صديق …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے