13 جمعرات , دسمبر 2018

پاڪستان ۾ ڏيڍ لک ماڻهو ايڊز ۾ ورتل هجڻ جو انڪشاف

لاهور (ويب ڊيسڪ) نيشنل هيلٿ سروسز انڪشاف ڪيو آهي ته ملڪ ۾ هڪ لک 50 هزار ماڻهو ايڊز ۾ ورتل آهن، جڏهن ته عدالت اها رپورٽ صحت واري وزارت ۽ انساني حقن جي ويب سائيٽ تي وجهڻ جو حڪم ڏنو آهي. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ ملڪ ۾ ايڊز پکڙجڻ جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران نيشنل هيلٿ سروسز ايڊز بابت رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ ڏيڍ لک ماڻهو ايڊز جو شڪار آهن. رپورٽ موجب ايڊز جا سڀ کان وڌيڪ متاثر مريض پنجاب ۾ آهن، جتي انهن جو انگ 75 هزار آهي، جڏهن ته ان فهرست ۾ ٻيو نمبر سنڌ جو آهي، جتي 60 هزار مريض علاج هيٺ آهن. بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه ۾ ايڊز جي مريضن جو انگ 15-15 هزار آهي. رپورٽ موجب نيشنل ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي 33 مرڪزن ۾ مفت علاج جي سهولت آهي. ان موقعي تي عدالت اها رپورٽ صحت واري وزارت ۽ انساني حقن جي ويب سائيٽ تي وجهڻ جو حڪم ڏنو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

يمن ۾ 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو مارجي چڪا

صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن ۾ جاري گهرو ويڙهه سبب 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو پنهنجون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے