15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: ماتلي: شهرين پاران سرڪاري اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ خلاف احتجاج

Matli: protests against the duo co-operation in the Civil Hospital by the citizensماتلي ۾ شهرين پاران سرڪاري اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو  رفيق ميمڻ ، غلام عباس ڪلو ۽ دلبر سمون سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ شهرين اسپتال ۾ نانگ ۽ ڪتن جي ڏاڙهيل جي ويڪسين سميت دوائن جي کوٽ خلاف احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي شهرين چيو ته لکين رپين جي بجيٽ باوجود تعلقه اسپتال رهواسين لاءِ بي لاڀ بڻيل آهي، دوائون نه هجڻ سبب مريض سخت پريشانين کي منهن ڏين ٿا.

هنن چيو ته اسپتال ۾ علاج لاءِ ايندڙ مريضن کي مختلف اسپتالن ڏانهن اماڻيو وڃي ٿو، جنهن سبب مريض روزانو دربدر ٿين ٿا.

سندن چوڻ هو ته نانگ، ڪتي جا ڏاڙهيل مريض ويڪسين نه هجڻ سبب حياتيون وڃائي ويهن ٿا، ۽ ٻين دوائن جي کوٽ سبب اسپتال ڪوس گهر جو ڏيک ڏئِي رهي آهي.

شهرين انساني حقن واري تنظيمن کي اپيل ڪئي دائون جي معاملي تي آواز اٿاري اسپتال سموريون سهولتون مهيا ڪرائين………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم | پروگرام : ڳالهه ٻولهه

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم| ڳالهه ٻولهه | …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے