16 منگل , اکتوبر 2018

سنڌ اسيمبلي ۾ گستاخ خاڪن جي خلاف مذمتي ٺهراءُ جمع

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي ۾ گستاخ خاڪن جي خلاف مذمتي ٺهراءَ جمع ڪرايا، جنهن ۾ گستاخ خاڪا بڻائڻ وارن جي خلاف عالمي برادري کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب سينيٽ بعد سنڌ اسيمبلي ۾ گستاخ خاڪن جي خلاف مذمتي ٺهراءُ جمع ڪرايو ويو، ٺهراءُ ايم ڪيو ايم جي محمد حسين ۽ ٻين ميمبرن جمع ڪرايو. ٺهراءُ ۾ گستاخ خاڪا بڻائڻ وارن جي خلاف عالمي برادري کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته گستاخ خاڪا عالمي ڀائيچاري جي خلاف سازش آهن. گذريل ڏينهن پاڪستان جي وڏي ايوان (سينيٽ) توهين جوڳن خاڪن جي خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور ڪيو هو.  ٺهراءَ ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته مسلمان پنهنجي پيغمبر جي شان ۾ گستاخي برداشت نٿا ڪري سگهن، توهين جوڳن خاڪن جو مقابلو برداشت جوڳو ناهي. ٺهراءَ ۾ مطالبو ڪيو ويو هو ته حڪومت ان معاملي کي سفارتي سطح تي اٿاري، معاملي تي هالينڊ جي حڪومت سان ڀرپور احتجاج ڪيو وڃي. توهين جوڳن خاڪن جو معاملو يورپي يونين، آمريڪا سان به اٿاريو وڃي. سينيٽ اجلاس ۾ توهين جوڳن خاڪن جي خلاف مذمتي ٺهراءَ جي منظوري کان پوءِ وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته سينيٽ جو منظور ڪيل ٺهراءُ گڏيل قومن ۾ پيش ڪنداسين، آزادي اظهار جي نالي تي ان قسم جي حرڪتن سان مسلمان امت کي تڪليف پهچندي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صحافين، ايڊيٽرن ۽ ميڊيا جي شعبن سان لاڳاپيل ڪارڪنن جي فوري مدد لاءِ سي پي اين اِي جي هيلپ لائن جو افتتاح

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اِي) پاران صحافين، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے