13 منگل , نومبر 2018

پاڪستان جو گستاخ مواد تي او آءِ سي جو هنگامي اجلاس گهرائڻ جو مطالبو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان گستاخ مواد تي اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) جو هنگامي اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ نيوز ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته اسان ان حوالي سان او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل کي خط لکي ڇڏيو آهي، فوري طور جلاس گهرايو وڃي ته جئين تڪرار تي او آءِ سي جو موقف سامهون اچي سگهي، او آءِ سي کي چيو آهي ته جده ۾ هنگامي اجلاس طلب ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته اسان جو او آءِ سي جي 6 ميمبرن سان رابطو ٿي چڪو آهي، جن سان تڪرار تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ڪجهه دير اڳ ترڪي جي پرڏيهي وزير سان به ان معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن پاڪستان کي موقف کي تسليم ڪيو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته گستاخ مواد خلاف گڏيل قومن ۽ يورپي يونين سميت هر فورم سان رابطو ڪيو، اهو معاملو نيو يارڪ ۾ ڪائونسل آف فارن منسٽرز جي فورم تي به اٿاريندس. پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته اسان کي هڪ ٿي صحيح طريقي سان موقف اختيار ڪرڻ گهرجي، مان سمورن عالمن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اسان توهان جي جذبن بابت آگاهه آهيون.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے