15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: مٺي: خوراڪ جي کوٽ ۽ سهولتن جي اڻ هوند سبب وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت

Mithi: Due to lack of food and shelter, more than 3 children diedمٺي ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ سهولتن جي اڻ هوند سبب وڌيڪ ٽي ٻارڙا فوت، هلندڙ مهيني فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 44 ٿي ويو.

سول اسپتال مٺي ۾ خوراڪ ۽ سهولتن جي کوٽ سبب وڌيڪ ٽي ٻارڙا فوت ٿي ويا،هلندڙ مهيني فوتي ٻارڙن جو انگ 44 ٿي ويو، جڏهن ته هلندڙ سال فوتين جو انگ وڌي 4 سئو 3 ٿي ويو.

فوتي ٻارڙن ۾ 18 ڏينهن جو مختيار، مٺو ۽ قادر بخش جا تازا ڄاول ٻارڙا شامل آهن، جڏهن ته ڪيترائي مريض ٻارڙا اسپتالن ۾ داخل آهن.

هوڏانهن مٺي،اسلام ڪوٽ ۽ ڏيپلو سميت ٿر جي سڀني تعلقن جي اسپتالن ۽ ڊسپينسرين ۾ سهولتن جي کوٽ برقرار آهي،پر سنڌ حڪومت اک نه پٽي.

سنڌ حڪومت پاران ڪروڙين روپين جي لاڳت سان ڏنل موبائيل اسپتالن واريون گاڏيون بي لاڀ بڻيل آهن،جڏهن ته ڪچن رستن وارا ڳوٺ صحت جي سهولتن کان وانجهيل آهن.

ٻي پاسي ٿر ۾ ڏڪاري حالتن بعد لڏپلاڻ جو سلسلو تيزي سان جاري آهي، سنڌ حڪومت پاران چوپائي مال لاءِ چاري سميت مفت امدادي ڪڻڪ جي ورهاست شروع نه ٿي سگهي……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: گمبٽ ويجهو ڪچي واري علائقي مان چار ڏينهن پراڻو لاش هٿ

گمبٽ ويجهو ڪچي واري علائقي مان چار ڏينهن پراڻو لاش هٿ آيو ڦلو ٿاڻي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے