18 جمعہ , جنوری 2019

ايشين گيمز: پاڪستاني والي بال ٽيم هٿان ڀارت کي شڪست

جڪارتا (اسپورٽس نيوز) 18هين ايشين گيمز مينز انڊور والي بال ٽورنامينٽ ۾ پاڪستاني ٽيم ڪلاسيفڪيشن ڪوارٽر فائنل ۾ روايتي مخالف ڀارت کي شڪست ڏئي ڇڏي. انڊونيشيا ۾ جاري ايشين گيمز ۾ اڱاري ڏينهن کيڏيل والي بال ايونٽ ۾ ستين کان ٻارهين پوزيشن لاءِ ڪلاسيفڪيشن ڪوارٽر فائنل ۾ پاڪستان جو مقابلو ڀارت سان ٿيو. ڀارت پهرين سيٽ ۾ پاڪستان کي 21 جي ڀيٽ ۾ 25 پوائنٽن تان هارايو پر ڀارت پنهنجي سرسي برقرار نه رکي سگهيو ۽ پاڪستان ايندڙ ٽنهي سيٽن ۾ روايتي مخالف ٽيم کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي ورتي. گرين شرٽس ٻئي سيٽ ۾ ڀارت کي 21 جي ڀيٽ ۾ 25، ٻئي ۽ ٽئين سيٽ ۾ ترتيب وار 21-25 ۽ 23-25 تان شڪست ڏني. پاڪستاني ٽيم ميچ ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي ڀارت کي 1-3 تان شڪست ڏئي ڪلاسيفڪيشن سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي، جتي ان جو مقابلو چين سان ٿيندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

قومي ٽيم ون ڊي سيريز لاءِ جوهانسبرگ کان پورٽ الزبٿ پهچي وئي

جوهانسبرگ(اسپورٽس نيوز) ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست کان پوءِ ڏکڻ آفريقا خلاف هڪ ڏينهن جي سيريز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے