21 بدھ , نومبر 2018

عثمان بوزدار جي دوري دوران اسپتال ۾ داخل ٻارڙي فوت ٿي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار مختصر دوري تي ميان چنون پهتو، جتي هن تعلقي هيڊ ڪوارٽر اسپتال ۾ سهولتن جو جائزو به ورتو پر ان دوران اسپتال ۾ علاج هيٺ ٿيميسليا جي مريض ٻارڙي فوت ٿي وئي. عثمان بوزدار پنهنجي گهر ڀاتين سان گڏ هيلي ڪاپٽر ذريعي ميان چنون پهتو، جتان گاڏين جي قافلي جي صورت ۾ تعلقي هيڊ ڪوارٽر آفيس پهتو. پنجاب جي وڏي وزير اسپتال ۾ مريضن جي عيادت ڪئي ۽ سهولتن جو جائزو ورتو، جتي ڪنهن مريضن سهولتن جي کوٽ جون دانهون ڪيون. عثمان بوزدار جي دوري دوران ساڳي اسپتال ۾ ٿيليسيميا ۾ ورتل ٻارڙي ڪومل جهانگير فوت ٿي وئي، جنهن جي ماءُ الزام هڻندي چيو آهي ته وڏي وزير جي اچڻ سبب سڀ ڊاڪٽر هليا ويا ۽ انهن ٻارڙي کي نه ڏٺو. اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته ٻارڙي کي 15 منٽ ايمرجنسي ۾ رکيو ويو، دوا به ڏني وئي پر سندس حالت نازڪ هئي. هوڏانهن خانيوال جي ڊپٽي ڪمشنر اشفاق احمد چوڌري واقعي بابت جاچ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته ٻارڙي فوت ٿيڻ واري معاملي جو وڏي وزير جي دوري سان ڪو واسطو ناهي، جيڪڏهن ڪنهن به ڊاڪٽر جي غفلت ثابت ٿي ته سخت ڪارروائي ٿيندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت احتجاج تي آمريڪي اختيارين جو پاڪستان سان رابطو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت رد عمل ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے