18 اتوار , نومبر 2018

نيوز: مبارڪپور: مستوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان نوجوان قتل

Mubarkpur: Young murder from conflict over the two Masters communityمبارڪپور ڀرسان مستوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان جھيڙي ۾ نوجوان مارجي ويو.

ڳوٺ نظام مستوئي ۾ مستوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان جوابدارن هوٽل تي ويٺل 25 ورهين جي نوجوان ڄام مستوئي کي پسٽل جا فائر ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو.

زخمي نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ جيڪب آباد جي سول اسپتال نيو پئي ويو ته نوجوان رستي ۾ ئي دم ڏنو، پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

قتل واقعي بعد پوليس جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ  ڇاپا هنيا، پوليس 30 ڍور ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا، جڏهن ته ڪو به جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو.

پوليس موجب ٻئي ڌريون پاڻ ۾ ويجھا عزيز آھن، جن ۾ ڪارنهن تڪرار هلندڙ هو.

ايس ايڇ او مبارڪپور سڪندر چانڊيو جو چوڻ هو ته مقتول نوجوان جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي ترت گرفتار ڪيو ويندو.

ھوڏانھن ميڊيا سان ڳالهائيندي مقتول نوجوان جي والد نظام خان مستوئي چيو ته سندس پٽ کي بيگناھ قتل ڪيو ويو آھي، پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪري……………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: نوابشاهه: بين المذهب تنظيم پاران افغانين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ احتجاج

نوابشاھ مرڪزي امن ڪاميٽي براءِ بين المذهب هم آنگي پاران افغانين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے