20 منگل , نومبر 2018

صدارتي چونڊ: اعتزاز، فضل الرحمان ۽ عارف علوي جا نامزدگي ڪاغذ منظور

The hood of the papers of presidential candidates will be done today

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدارتي چونڊ لاءِ اعتزاز احسن، مولانا فضل الرحمان ۽ ڊاڪٽر عارف علوي جا نامزدگي فارم منظور ڪيا ويا آهن. 4 سپٽمبر تي ٿيندڙ صدارتي چونڊ لاءِ پيپلز پارٽي جي اعتزاز احسن، تحريڪ انصاف جي عارف علوي ۽ ٻين مخالف ڌر پارٽين طرفان مولانا فضل الرحمان جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا هئا. چيف اليڪشن ڪميشن سردار محمد رضا اعتزاز احسن، مولانا فضل الرحمان ۽ عارف علوي جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ورتا آهن. نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ وقت اعتزاز احسن ۽ عارف علوي پاڻ پنهنجن ساٿين سان گڏ اليڪشن ڪميشن ۾ موجود هئا، جڏهن ته مولانا فضل الرحمان جي جاءِ تي جي يو آءِ(ف) ۽ مسلم ليگ(ن) جا اڳواڻ موجود هئا. عارف علوي جي نامزدگي ڪاغذن تي مولانا فضل الرحمان جي وڪيل مرتضيٰ اعتراض واريندي چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ عارف علوي خلاف پٽيشن داخل ٿي آهي. جنهن تي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اسان کي ڪو به نوٽيس ناهي مليو، جڏهن نوٽيس ئي ناهي مليو ته اسان ڪاروائي ڪيئن ڪيون؟ ڪامران مرتضيٰ چيو ته مان اهو معاملو توهان جي نوٽيس ۾ آڻڻ چاهيان ٿو. چيف اليڪشن اعتراضن کي رد ڪندي عارف علوي جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ورتا. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل شيڊول موجب اميدوار نامزدگي فارم 30 آگسٽ جو منجهند 12 وڳي تائين واپس وٺي سگهندا جنهن بعد اميدوارن جي حتمي فهرست ان ئي ڏينهن جاري ڪئي ويندي. صدارتي چونڊن لاءِ پولنگ 4 سپٽمبر تي پارليامنٽ هائوس اسلام آباد ۽ چئني صوبائي اسمبلين ۾ ٿيندي. واضح رهي ته صدرمملڪت ممنون حسين جو مدو 8 سپٽمبر تي پورو ٿي رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پينٽاگون پاڪستان کي خطي جو اهم اتحادي قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) هڪ طرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان پاڪستان خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے