14 بدھ , نومبر 2018

سنڌ جي تباهه حال زرعي معيشت جي بحاليءَ لاءِ پيڪيج جي گُهرَ…

سنڌ هاڻوڪي دور ۾ گهڻ طرفي مسئلن ۽ مشڪلاتن جي ور چڙهيل آهي جن ۾ سڀ کان اهم مسئلو اقتصادي بدحاليءَ جو آهي جنهن سنڌ کي تباهيءَ جي ڪنڌي تي پهچائي ڇڏيو آهي، سنڌين جي اقتصادي ۽ معاشي تباهيءَ جو مجموعي ڪارڻ سنڌ جي زراعت جو تباهه ٿيڻ آهي. گذريل ٽن ڏهاڪي کان وٺي سنڌ پاڻيءَ جي بدترين کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي جنهن خلاف آبادگار ۽ سنڌ جو مجموعي عوام سراپا احتجاج بڻيل رهيو آهي، هتي اهو بحث مقصود ناهي ته پاڻيءَ جي کوٽ جا ڪارڻ ڪهڙا آهن ڪهڙا نه آهن، پر هتي مقصد پاڻيءَ جي کوٽ ڪري سنڌ جي زرعي معيشت کي جيڪو سخت نقصان پهچي رهيو آهي ان جو جائزو وٺڻ آهي ۽ اهو ڏسڻو آهي ته ان جو ازالو ڪيئن ممڪن آهي ۽ ان جي بحالي ڪيئن ٿي سگهي ٿي.

ايوان زراعت سنڌ جي آبادگارن جو هڪ نمائنده فورم ۽ قابل قدر ادارو آهي جيڪو وقت بوقت سنڌ جي آبادگارن کي درپيش معاملن ۽ مسئلن تي ثابت قدم ٿي جدوجهد ڪندو رهيو آهي، سنڌ جي موجوده  صورتحال جي پس منظر ۾ پڻ  ايوان زراعت اهم پيش رفت ڪندي، هڪ اعلى سطحي اجلاس گهرايو جنهن جي صدارت قبول محمد کٽياڻ ڪئي، اجلاس ۾ آبادگارن پاڻي جي کوٽ تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته مارچ، اپريل ۽ مئي مهينن جي مند ووئنڻن، ڀاڄين ۽ سارين جي پوکي جي مند  هوندي آهي، ان مند ۾ پاڻي جي سخت کوٽ سبب اهم فصلن جي پوکي متاثر ٿي آهي، آبادگارن جو چوڻ هو ته پاڻي جي کوٽ سبب  فصل سڪي تباهه ٿي ويا آهن جنهن ڪري سنڌ جي زرعي معيشت تيزيءَ سان تباهيءَ جي طرف وڌي رهي آهي.

اجلاس ۾ آبادگارن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سنڌ جي زراعت کي هٿي وٺرائڻ ۽ معاشي طور تي مضبوط ڪرڻ لاءِ فوري طور تي 10 ارب رپين جي زرعي پئڪيج جو اعلان ڪيو وڃي، اجلاس ۾ آبادگارن ڦٽين جي ڪرندڙ اگهه تي پڻ سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هڪ مهيني اندر ڪپهه جو اگهه هڪ هزار رپيا گهٽجي ويو آهي، جڏهن ته عالمي ۽ ڪراچي جي مارڪيٽ جي اگهه ۾ ڪا به تبديلي نه آئي آهي.

سنڌ ۾ زرعي معيشت جي تباهي هاڻي پنهنجي سنگينيءَ کي پهچي رهي آهي جنهن کي اڃا سنڀالن لاءِ نه ته وفاقي حڪومت جي سطح تي ۽ نه ئي صوبائي حڪومت جي سطح تي ڪي اپاءَ ورتا ويا آهن جنهن جي ڪري حالتون سنگين کان سنگين ٿي رهيون آهن.

ايوان زراعت جي اجلاس ۾ وفاقي حڪومت کي اپيل ڪئي وئي آهي ته پاڻيءَ جي کوٽ ڪري سنڌ جي زراعت ۽ آبادگارن کي جيڪو مالي نقصان ٿيو آهي ان جو فوري طور تي ازالو ڪرڻ لاءِ 10- ارب رپين جي زرعي پيڪيج جو اعلان ڪيو وڃي، اجلاس ۾ اها به گهر ڪئي وئي آهي ته سنڌ جي ننڍن آبادگارن تي جيڪي هڪ لک تائين جا زرعي قرض واجب الادا آهن اهي معاف ڪيا وڃن ۽ هڪ لک کان مٿي وارا قرض ادا ڪرڻ لاءِ آبادگارن کي مهلت ڏني وڃي، اجلاس ۾ اها به گهر ڪئي وئي آهي ته ڪمند جي آبادگارن جي رهتن ادا ڪرڻ لاءِ چار ارب رپيا جاري ڪيا وڃن ۽ آبادگارن جون جيڪي مل مالڪن ڏانهن رهتون آهن، اهي ادا ڪرايون وڃن.

سنڌ جي آبادگارن جي اجلاس ۾ جيڪي سنڌ جي زرعي معيشت جي بحاليءَ لاءِ مطالبا ڪيا ويا آهن، اسين سمجهو ٿا ته اهي ڪنهن به طور تي نه ته غيرمناسب آهن ۽ نه ئي ڪي ايڏا وڏا مطالبا آهن جيڪي مڃڻ جهڙا نه هجن، اسان جيڪڏهن گذريل مهينن ۾ جرمنيءَ مان ايندڙ اهڙين خبرن تي نظر وجهون جن ۾ ڏڪار سبب جرمن حڪومت آبادگارن کي پهتل زرعي نقصان جو پورائو ڪري ڏنو، نه صرف جرمني، پر فرانس، آمريڪا سميت دنيا جي ٻين ڪيئي ملڪن ۾ آبادگارن کي ڏڪر، ٻوڏن ۽ ٻين سببن ڪري جيڪي نقصان پهچن ٿا انهن جو فوري ازالو ڪيو وڃي ٿو ۽ سندن جي مستقل بحاليءَ لاءِ ڊگهي مدت واريون رٿائون جوڙيون وڃن ٿيون.

سنڌ گذريل ٽن ڏهاڪن کان بدترين زرعي معاشي بحران جي ور چڙهيل آهي، پاڻيءَ جي کوٽ، نقلي زرعي دوائن، نقلي زرعي بجن ۽ مناسب اگهن جي نه ملڻ ڪري مسلسل تباهيءَ جي ور چڙهندي پئي وڃي جنهن جا سڌا سنوان نقصان ته سنڌي عوام کي پئجي رهيا آهن پر اڻ سڌا نقصان بذات خود وفاق کي به برداشت ڪرڻا پئجي رهيا آهن ڇو جو ملڪ جي چئني صوبن مان جيڪڏهن ڪوبه هڪ صوبو ڪنهن به قسم جي بحران ۾ رهندو ته ان جو اثر ٻين وفاقي يونٽن تي پڻ ضرور پوندو .

اسين سمجهو ٿا ته نه فقط وفاقي حڪومت کي پر سنڌ حڪومت کي به فوري طور تي ايوان زراعت جي مطالبن ۽ گهرجن تي ڌيان ڏئي انهن کي اوليتي بنيادن تي حل ڪرڻ گهرجي، نه فقط ايترو پر انهن مسئلن کي مستقل بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ هڪ ڊگهي مدي واري رٿابندي ٿيڻ گهرجي، خاص ڪري سنڌ کي پاڻيءَ جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي ۽ اهو پڻ يقيني بڻايو وڃي ته پاڻيءَ جي ورڇ منصفاڻي ٿيندي ڇو جو سنڌ ۾ جيڪو به زرعي بحران آهي ان جو بنيادي سبب پاڻيءَ جي کوٽ آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ اهڙي قسم جو ڪو به بحران نه آهي تنهنڪري پنجاب مان اهڙي قسم جو مطالبو به سامهون نه پيو اچي.

اسان سنڌ توڙي وفاقي حڪومتن مان هاڻي اها توقع ڪري سگهون ٿا ته ٻئي حڪومتون دنيا جي ترقي يافته ملڪن جون روايتون اختيار ڪندي سنڌ جي زرعي معيشت کي هن بحران مان ڪڍنديون ۽ وري ڪي اهڙا بحران پيدا نه ٿين انهيءَ امر کي يقيني بڻائڻ لاءِ جوڳا ۽ مستقل اپاءَ کڻديون.

اڱارو 28 آگسٽ  2018ع، 16 ذوالحج 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌوءَ مان تونسا کان گڊوءَ وچ ۾ پاڻي چوريءَ جو معاملو

ٻه ڏينهن ٿيندا ته ايوان زارعت سنڌ جو اجلاس جنرل سيڪريٽري زاهد حسين ڀرڳڙيءَ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے