15 جمعرات , نومبر 2018

هند ۽ سنڌ جو عظيم انقلابي ليڊر ۽ ناميارو اداڪار ڪامريڊ اي ڪي هينگل

سجاد ظهير

ننڍڙي وهي کان ئي هن ريڊيو تان ڊراما شروع ڪيا. پاڻ پهريون دفعو1937ع  ڌاري پهرين ڊرامي ۾فن جا جوهر ڏيکاريا، جنهن جو عنوان “ظلم خان” هيو، جيڪو “شري سنگيت پريا منڊل” پاران ڪيو ويو. ڪامريڊ هينگل ان منڊلي جو ميمبر هيو. سندس والد ۽ ڏاڏو تمام وڏي سرڪاري عهدي تي مقرر هئا، جن کي سندس سياسي سرگرمي چڱي ڪا نه لڳندي هئي. ڪامريڊ هينگل سرخ پوش (ڳاڙهي پوشاڪ) نالي سان مشهور سياسي اڳواڻ خان عبدالغفار خان سان پڻ کوڙ ساريون ڪچهريون ڪيون هيون، سندس سياسي قد ڪاٺ کان پڻ متاثر هيو. سندس پاران هلايل Red shirt تحريڪ کان پڻ متاثر ٿيو. سندس متاثر ٿيڻ جو هڪ ٻيو پاسو جنهن هن تي تمام گهڻا سياسي ۽ مثبت اثر ڇڏيا اهو هيو ڪامريڊ ڀڳت سنگهه کي ڦاهي ڏيڻ وارو عمل، جنهن هن جي ذهن کي جهنجهوڙي ڇڏيو انگريز سامراج پاران ڀڳت سنگهه کي ڦاهي تي چاڙهڻ واري عمل نام نهاد ڪانگريسين ۽ ليگين کي وائکو ڪري بيهاري هو ۽ سمورو هندوستان ٻري اٿيو. جتي نوجوان طبقو ڀڳت سنگهه کي پنهنجي آدرشن جي منزل سمجهي رهيو هيو اتي ڪامريڊ ڀڳت جي ان انقلابي قرباني واري رومانويت کان ڪامريڊ هينگل پڻ متاثر ٿيڻ کانسواءِ نه رهي سگهيو. سندس زندگي جو ٻيو واقعو ”قصا خواني بازار“ جو هو، جتي ڀڳت سنگهه جي ڦاهيءَ جي رد-عمل ۾ تمام وڏو جلسو ٿيو، هڪ هندوستاني فوجي آفيسر برٽش سرڪار پاران ڏنل گولي هلائڻ کان انڪار ڪيو هو، ان عمل پڻ هن جي سياسي کيتر ۾ اضافو ڪيو. هن جي پنهنجي ڏنل انٽرويو مطابق ”آئون جڏهن پيدا ٿيس ته جليان واري باغ جو واقعو ٿيو منهنجو مامو جليان واري باغ جي مٽي کڻي ايندو هيو، ان وقت مون کي ان جي سمجهه بنهه نه هئي ته هوءُ ائين ڇو ٿو ڪري؟“

سندس والد جو زور هيو ته هينگل سرڪار جي نوڪري ڪري پر هو سامراج مخالف ڪامريڊ هيو اهو سودو ڪرڻ سندس آدرشن جي خلاف هيو .هن درزڪي ڪم کي موٽ ڏيندي ان ڪرت جي باقائدا سکيا ورتي. جلدي سندس شادي ڪرائي وئي. رٽائرمينٽ کان پوءِ سندس والد ڪراچي منتقل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. ڪراچي اچڻ کان پوءِ سندس وٽ ڪابه نوڪري نه هئي هو صرف ڪپڙن کي ڪٽڻ ڄاڻندو هيو، ڪجھه ڏينهن جاکوڙ ڪرڻ کان پوءِ کيس“ايسر داس اينڊ سنز” درزي جي ڪارخاني ۾ ماهوار111 رپئين جي حساب سان نوڪري ملي وئي .هيءَ رقم ان دور ۾ تمام وڏي رقم هئي .ڪراچي ۾ رهائش اختيار ڪرڻ کان پوءِ سندس ملاقات سنڌ جي چوٽي وارن ڪميونسٽن سان ٿئي ٿي.هوءُ ڪميونزم منجهان تمام اتساهه وٺي ٿو. هو اتان جي ساٿين سان گڏجي ٽريڊ يونين سياست ۾ بهرو وٺڻ شروع ڪري ٿو .جتي هو ڪراچي ٽيلرنگ يونين جو بنياد وجهي ٿو. سندس مالڪ هن جو تمام سٺو دوست ٿي وڃي ٿو. اتي کيس اهو احساس ياد ڏياري ٿو ته سندس ساٿي جن وٽ ڪوبه گهر گهاٽ نه آهي نه ئي کين ڪابه موڪل آهي. هو آچر واري ڏهاري تي به پنهجو ڪم ڪندا رهن ٿا. جتي هو انهن کي سرگرم ڪري مالڪ جي اڳيان پنهنجي چارٽر آف ڊيمانڊ پيش ڪري مزدور يونين جي ايڪٽ تسليم ڪرائڻ جي گهر ڪري ٿو. هو پنهنجي مالڪ جي اڳيان هيٺان مطالبا رکي ٿو ”يونين کي تسليم ڪيو وڃي“، ”شاپس اينڊ اسٽيبلشمينٽ ايڪٽ تي عمل ڪيو وڃي“، عارضي ملازمن کي ڪل وقتي مزدور تسليم ڪيو وڃي، اهو مالڪ جنهن کي ڪامريڊ هينگل پنهنجو سٺو دوست سمجهي ٿو، اهو سمورن ڪاريگرن کي پاڻ سميت نوڪري منجهان بيدخل ڪري سندن جي داخلا دڪان تي بند ڪري ڇڏي ٿو. هو دڪان تي وڃڻ جي همت ڪن ٿا مالڪ کين جيل حوالي ڪري ڇڏي ٿو. اهو سندس جيل جو پهريون تجربو ٿئي ٿو .هو سمجهي وٺي ٿو مٿين طبقي ۽ هيٺين طبقي ۾ ڪابه دوستي نه هوندي آهي ملازم ملازم هوندو آهي، هو مالڪ جو دوست نٿو ٿي سگهي .ڪو به مالڪ ڪيڏو به سٺو دوست ٿي وڃي پر هو آخر مزدورن جي حقن کي پٺي ڏئي مزدور دشمن ئي ثابت ٿئي ٿو .ان کان پوءِ ڪامريڊ هينگل ڪراچي ۾ هارمونيڪا ڪلب جو بنياد وجهي ٿو 1941ع ۾ جڏهن جرمني عظيم انقلابي رياست سوويت يونين تي حملو ڪري ٿو ته پارٽي اتحادين(برطانيا) جي حمايت ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿي. برٽس سرڪار برِصغير ۾ ڪميونسٽ پارٽي مٿان لڳل پابندي هٽائي ٿي. ڪامريڊ هينگل بيروزگار هجڻ ڪري پورو وقت پارٽي ورڪرن ۽ گڏجاڻين ۾ گذاري ٿو. هوء ساڳي وقت ان دور جي مشهور “يوپي ڪسان ڪانفرنس” ۾ حاضري لڳائي ٿو. هن قسم جا موقعا ڪامريڊ لاءِ عيد جا ڏِڻ ثابت ٿين ٿا .

ڪراچي ۾ اهي مشهور ڪيس “انڊين نيوي بغاوت” جا ڏينهن هئا هندستاني سپاهين انگريز سامراج جا جهنڊا لاهي مسلم ليگ، ڪانگريس ۽ ڪميونسٽ پارٽي جا جهنڊا کوڙيا ڪانگريسي ۽ ليگي قيادت ڪميونسٽ پارٽي کان تمام گهڻي ڊنل هئي انهن کي ڊپ هيو ته سپاهين جي بغاوت منجهان ڪٿي ڪميونسٽ نه فائدو حاصل ڪري وٺن انهن پنهنجن سپاهين کي چورائي موڪليو ته پنهنجا جهنڊا لاهي ڇڏيو جنهن کان پوءِ نيوي جي سپاهين هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا. ڪميونسٽ پارٽي ظاهر ۾ ته هڪ ننڍو يونٽ هئي، پر سندس سڏ تي تمام وڏي ڪامياب هڙتال ڪئي وئي. 1946ع ۾ ڪامريڊ هينگل کي ڪميونسٽ پارٽي ڪراچي جو سيڪريٽري بڻايو .پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڪامريڊ هينگل پاڪستان نه ڇڏڻ جا جواز هن ريت پيش ڪيا ته ”پاڪستان منهنجو ملڪ آهي، آئون پنهنجي ڌرتي ماءُ کي ڪيئن ڇڏيان، جتي آئون ڄائو ۽ نپنو آهيان ان کي نه ٿو ڇڏي سگهان ” هن پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به ڪراچي ۾ پنهنجي ڊرامن ذريعي جاڳرتا مهم جاري رکي .ڪلڪتا واري پارٽي ڪانگريس جي فيصلي کيس سنڌ ڇڏڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ جو ان ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پاڪستان جي الڳ ڪميونسٽ پارٽي ٺاهي وڃي، ڪامريڊ سجاد ظهير کي بطور سيڪريٽري جنرل ڪميونسٽ پارٽي پاڪستان ڪري موڪليو ويو. سامراجي سرڪار سندس سياسي چر پر کان ڊنل هئي ان لاءِ کيس وڌيڪ ڇهن مهينن لاءِ جيل اماڻيو. هينگل صاحب جي بقول“ڪامريڊ سوڀي گيان چنداڻيءَ سنڌ هائي ڪورٽ ذريعي ڪورٽ ۾ رٽَ داخل ڪئي، اسان جو وڪيل نوجوان شيخ اياز هيو“.

هينگل صاحب حيدر آباد جيل اندر رهندي به پنهنجي آدرشن تي قائم ۽ دائم رهيو، سندس پختي ايمان جو اندازو ڪامريڊ سوڀي گيان چنداڻي جي لکڻين منجهان پوي ٿو .پاڻ حيدر آباد جيل جي اندر ساٿين جي سخت جملن جي ڏي وٺ وارن سوالن جا جواب جمهوري انداز ۾ ڏيندو هيو هو، هُو هڪ هنڌ لکي ٿو ”آئون جڏهن حيدر آباد جيل ۾ قيد هئس ته اتي غني خان پڻ مون سان گڏ جيل ۾ قيد هيو، عيد جي ڏهاڙي تي آئون ساڻس ملاقات ڪئي صرف عيد واري ڏينهن قيدين کي ملڻ جي اجازت هئي، هيءُ پنهنجي پيءُ وانگر عظيم انسان هيو هن مون کي چيو توهان هندو هتي ڇا پيا  ڪريو؟ تون  هندو  آهين  تنهنجو پاڪستان ۾ ڇا آهي؟ مون کيس جواب ڏنو ته تون مسلمان آهين، تون هتي جيل ۾ ڇا پيو ڪرين؟ تهنجو به هتي ڪو مستقبل نه آهي؟ هتي هندو مسلم ڪو به سوال نه آهي، جي ڪو سوال آهي ته صرف اسان جي سياست آهي. هي ڏاڍو ڏکارو هيو، هن چيو ته اسان پٺاڻن آهيون، پاڪستان نٿا ڇڏي سگهون، اسان پٺاڻن سان ڪانگريس ڌوڪو ڪيو آهي.

ڪامريڊ هينگل ان وقت انڊيا ۽ پاڪستان پاران ڪيل صلح نامي کي رد ڪري ڇڏيو هيو پر سجاد ظهير پاران ڪيل ڪچهري کيس انڊيا وڃڻ تي راضي ڪري ڇڏيو هينگل صاحب جي مطابق سجاد ظهير چيو ته ”پاڪستان ۾ رهڻ تو لاءِ ٺيڪ نه آهي، تون فيملي سان گڏ آهين، تون هڪ اداڪار آهين تنهنجو تعلق اقليت سان آهي، تنهنجو هتي ڪوبه روشن مستقبل نظر ڪونه ٿو اچي وڌيڪ ته تون هڪ ڪميونسٽ آهين، هيءُ سموريون حقيقتون تنهجي خلاف آهن“ هينگل هڪ ساٿي ڪميونسٽ جي سچائي کي سمجهي ورتو انڊيا هليو ويو،.سجاد ظهير سندس جڳهه تي هتي اچي ويو ۽ سندس گهر ۾ رهڻ لڳو.

اي ڪي هينگل گهٽ ۾ گهٽ 311 کان وڌيڪ انڊين فلم ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. سندس ڪردار جو محور سماجي مسئلن جو اپٽار ڪرڻ هيو. هندستان جي فلمي دنيا ۾ پير پائڻ کان پوءِ کيس اهو طبقاتي نظام نظر آيو اتي سندس علي سردار جعفري ۽ ڪيفي عظمي جهڙن دوستن جي ساٿ ۾ نئون تخليقي سفر شرو ع ٿئي ٿو. هن هندستان ۾ ”انڊين پيپلز ٿيٽر ايسوسيئيشن-آئي- پي- ٽي- اي“ سان پنهنجي وابستگي مرڻ گهڙي تائين جاري رکي. هن تنظيم جو بنياد به ڪميونسٽ نظرئي سوچ مطابق رکيو ويو. هن 23 مارچ 1993ع ڌاري، پاڪستان جو دورو ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ته هندو انتها پسند بال ٺاڪري کيس پاڪستان جو ايجنٽ سڏيو. هي 6 ڊسمبر 1992 ع ايوڌيا ۾ بابري مسجد واري سانحي کان ٿورن ڏهاڙن کان پوءِ جي ڳالهه آهي. جنهن تي هن ان اتنها پسندن کي جواب ڏنو ته“ آئون ديش ڀڳت آهيان، آئون توکان پهريان پيداٿيو هئس، اسان آزادي جي جنگ وڙهيسن جيلن ۾ وياسين ۽ قربانيون ڏنيون آهن مون کي ديش ڀڳت هجڻ لاءِ توکان سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ڪا به ضرورت ناهي“.

سندس اهڙي موقف تي کيس موت مار ڌمڪيون ملنديون رهيون، پر هُو پنهنج آدرشن کي نسل پرستن اڳيان به مارڻ بجاءِ ڪميونسٽ اصولن جي جاڳ ۾ رات کي رات ۽ ڏينهن کي ڏينهن چوندو رهيو. موجوده وقت ۾ انڊيا جي سياست باري ۾ هن جي بقول  ”اسان ڪانگريس ۽ بي جي پي ٻنهي جي سياست جا حامي نه آهيون ، ڪانگريس ۽ بي جي پي سواءِ تباهي جي ڪجهه نه آهن ڪانگريس بي جي پي جي مقابلي ۾ سيڪيولر آهي، هو مذهبي يا فرقا پرست نه آهي کاٻي ڌر ڪانگريس جي ان لاءِ حمايت ڪري ٿي. اسان وٽ صرف اسيمبلي ۾ 44 ميمبر آهن تنهن ڪري اسان گهڻو ڪجهه ٺيڪ ڪرڻ جي پوزيشن ۾نه آهيون. اسان صرف ان سموري مامري تي پنهنجي نظر رکي سگهون ٿا“.

ڪامريڊ هينگل انڊيا ۽ پاڪستان دوستي جي حمايت ۾ هيو پر اصولي بنيادن تي هجڻ جو قائل هيو هن جي سامهون سرحدن جو گڏ هجڻ کان پوءِ دشمني جو جواز پيدا نٿو ٿئي سندس لاءِ ٻنهي ملڪن جو جهيڙو ٻيڻو نقصان هيو. هتي سياستدان دوستي جي نعري کي پنهجي مفادن لاءِ استعمال ڪندا رهيا آهن، هو پنهنجي خيالن جو اپٽار هن ريت ڪري ٿو ”بي جي پي ڪميونل آهي آئون هڪ ڪميونسٽ آهيان، 41 سالن کان هن نظرئي سان گڏ آهيان، اسان ڪڏهن به پاڪستان جا مخالف ناهيون رهيا اسان جو نقطو هيو ته صوبن کي متحدا هندستان ۾ صوبائي خودمختياري ملڻ گهرجي اسان متحدا هندستان چاهيون پيا جڏهن ته ڪجهه ماڻهو اسان جي نقطي کي درست طريقي سان نه سمجهي سگهي،ا اسان نه ئي مسلمان ۽ نه ڪي پاڪستان جي خلاف هئاسين پاڪستان ۽ هندستان کي معاشي مفاد گڏائيندا ڀلي صديون لڳن پر هيءُ ديس گڏبا“ هڪ ڪميونسٽ پنهنجي آدرشن ۾ سرحدن کي ڪابه حيثيت نٿو ڏئي. ڪامريڊ هينگل به مارڪس ۽ مارڪسزم جي بين الاقواميت فڪر جو حامي هيو ۽ مرڻ گهڙي تائين رهيو. ڪامريڊ هينگل 2005 ع ڌاري پاڪستان جو دورو پڻ ڪيو پنهنجي پراڻن دوستن سائين محمد ابراهيم جويي ۽ ڪامريڊ سو ڀي گيان چنداڻي سان رهاڻ پڻ ڪئي.

ڪامريڊ هينگل پنهنجي چاهيندڙن کي 26 آگسٽ جي ڏهاڙي تي هميشه لاءِ جسماني طورتي ڇڏي وڇڙي ويو. اڄ هن کي اسان کان جدا ٿئي 6 سال ٿي چُڪا آهن. ڪامريڊ هينگل انهن ڪامريڊن جي لاءِ هڪ زندهه مثال آهي جيڪي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سياسي طور صرف نظرياتي اپٽار ڪندا رهيا پر، سماجي تبديلي واري قافلي جو حصو نه رهيا. هوءُ ڪامريڊ امام علي نازش جيان هڪ پختو ڪميونسٽ بڻجي مرڻ گهڙي تائي مدي خارج نظام کي لوڏيندو ۽ ڌوڏيندو رهيو. موت هن کي ننڊ ته سمهاري ويو، پر سندس آدرش هميشه بغاوت جو ڳاڙهو جهنڊو جهولائيندا رهندا .هوء پنهنجي عظيم پارٽي جي عظيم جهنڊي ”سرخ پرچم“ جي سلامي ۾ پنهجي عظيم آدرشن سان گڏ هميشه زندهه رهندو .هو هڪ عظيم ڪميونسٽ هيو، جيڪو مرڻ گهڙي تائين پنهنجي وفا پنهنجي عظيم جٿي ڪميونسٽ پارٽي سان قائم رکي، ڪامريڊ هينگل امر هيو، امر آهي۽ امر رهندو. اسان جو لال سلام آهي ڪامريڊ هينگل توتي ناز ڪندا رهنداسين .

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڇا نيب پنهنجو جاچ طريقو تبديل ڪندي…؟

مصطفيٰ جمالي نئب ادارو ڇا ڪري رهيو آهي.؟سڀ ڪجهه درست طريقي سان ڪري رهيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے