20 منگل , نومبر 2018

نيون حڪومتون ۽ عوامي اميدن جو سوال

منان چانڊيو

جيتوڻيڪ عام چونڊن کي ڀريو مهينو گذري چڪو آھي ۽ مرڪزي توڙي صوبائي حڪومتون جڙي چڪيون آھن پر پوءِ به چونڊن جو سحر ملڪي ماڻھن جي ذھنن تان لهي نه سگهيو آھي نه وري مبينا ڌانڌلين واري پچار بند ٿي سگهي آھي.ان ڪري هن ملڪ جي اڻ پوري جمهوري نظام ۾ پارليامينٽ لڳاتار ٻه آئيني مدا  پورا ڪري ٽئين دور ۾ داخل ٿي چڪي آھي. جتي مرڪز ۾ ٻن جماعتن جي وارا وٽي واري جاءِ ٽئين جماعت والاري چڪي آھي جهڙوڪ پنجاب ۾ ن ليگ جي ڏھ سالا راڄ جي خاتمي بعد تحريڪ انصاف جي حڪومتي لاٽري کُلي آھي.اهڙي ريت بلوچستان ۾ ٽن مهينن جي ننڍڙي وَھي واري جماعت بلوچستان عوامي پارٽي اقتداري سيج تي تيلَ ڦليلَ مَکي اچي رسي آھي.جيستائين سنڌ ۽ ڪي پي ڪي جو سوال آھي ته اتي ساڳين پارٽين پي پي ۽ پي ٽي آءِ جاءِ ورتي آھي.

البته انهن ٻنهي صوبائي حڪومتن جي سيٽ اپ ۾  اهو فرق آھي ته سنڌ ۾ ساڳيو سيد سڳورو مراد علي شاهه وڏو وزير  بڻيو آھي جڏھن ته ڪي پي ڪي ۾ وري پرويز خٽڪ واري جڳهه تي محمود خان سي ايم بڻيو آھي. بلوچستان ۽ سنڌ جي چيف منسٽرن ۾ هڪجهڙائي هي به آھي ته مراد علي شاهه جو والد مرحوم عبدالله شاهه اڳ ۾ سنڌ جو وڏو وزير رهي چڪو آھي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير جو والد ڄام غلام قادر به وڏو وزير رهي چڪو آھي.مزي جي ڳالهه ته ملڪ جا اڪثر ماڻھو پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي وڏن وزيرن جي نالن کان اڻ واقف آھن.ان کان علاوه حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه اها به آھي ته نئين پاڪستان جي نئين باني،جنهن کي ميڊيا جون ڪجهه ڌريون انقلابي سڏين ۽ سمجهن ٿيون تنهن نظرياتي سياستدان وري  ملڪ جي وڏي صوبي جو والي وارث اهڙي همراهه کي بڻايو آھي جنهن متعلق خبر آھي ته هُو ڇهن انسانن جي قتل ڪيسن ۾ نامزد رهي چڪي آھي جنهن مان جان ڇڏائڻ لاءِ هُن 75 لک قصاص ديت ڏني. خير ماضيءَ ۾ ڪنهن ڇا ڇا ڪيو ان جو ڪير ٿو حساب ڪتاب ڪري؟

ها جيڪڏھن اهو حساب ڪتاب هجي ها ته سنڌ ۾ پ پ پوين ٻن چونڊن جي ڀيٽ ۾ هن ڀيري هيتريون ساريون سيٽون ڪيئن حاصل ڪري ها؟ پ پ جي ان ڪاميابي کي سندن قيادت بلاول ڀٽو زرداري ۽ بي قيادت تائين سڀ فرمائين ٿا ته ان لڳاتار ڪاميابي پٺيان رئيس وڏي ۽ سندس وزيرن ڪبيرن جي گونا گون عوامي خدمت ۽ سياسي حڪمت عملين جو ڪمال آھي.پر جيڪڏھن يارن جي سنڌ ۽ سنڌ واسين سان ڪيل چڱاين جو ٿورڙن به وچور پيش ڪنداسين ته قصو هن آرٽيڪل ۾ سمائجي نه سگهندو، ان لاءِ ته ڪو ڪتاب ئي لکي سگهجي ٿو. ان ڪري سندن جي ڀَلايل ڀالن يا ٽن چئن اهم کاتن جي احسن ڪارڪردگي ڪجهه هن طرح سامهون رهي آھي ته مڪاني ادارن کي پنهنجي مخصوص ماڻھن جي هٿ ڏئي ڇڏيو جن پنهنجا کيسا گرم ڪري شهرن ۽ ڳوٺن کي کنڊر بڻائي ڇڏيو ۽ اڄ به برسات جي ڦڙي پوڻ شرط لاڙڪاڻي جهڙو مرڪزي شھر به پاڻيءَ ۾ ٻڏل نظر ايندو آھي ڇاڪاڻ ته سرڪار جيڪي مڪاني  چيئرمين ۽  ميمبر چونڊرايا سي به ساڳيا ئي سردار، نواب، پير ۽ انهن جا وڌيل ڀاتي هئا، جيڪي اڳ ئي عوام ۽ ووٽرن مٿان مسلط بڻيا ويٺا هئا ويتر جو انهن کي ضلعي، ميونسپل، ٽائون ڪاميٽين ۽ يونين ڪائونسلن جون چيئرمينون مليون ته همراهه هٿ لائڻ کان چڙھي ويا.

اهڙي طرح آبپاشي کاتي جي ڪارڪردگي ڏسجي ته سنڌ جي ڪئنالن، بئراجن ۽ شاخن جي کاٽي ته هونئن ئي نٿي سگهي پر ان لاءِ مخصوص ٿيل فنڊ به کائجي کپائجي ويا ۽ لَٽاءُ ايترو اچي ويو جو پاڻي جو زمينن تائين پُڄڻ مشڪل ٿي ويو ته وري پاڻي تي ناجائز قبضا ۽ واٽر ڪورس به کُلندا رهيا جنهن پٺيان هٿ به اڪثر سرڪار سان لاڳاپيل ماڻھن جا هئا.نه وري سنڌ سرڪار آئين ۽ بين الاقوامي قاعدن موجب  ارسا کان حصي جو پاڻي وٺڻ جي همت ڏيکاري سگهي.جڏھن ته زراعت کاتو وري سرڪار جي اهم شخصيت انور مجيد جي حوالي ڪيو ويو جيڪو آبادگارن جي ڪمند جا پئسا به ڳڙڪائي ويو. يا وري اگهه مقرر نه ٿيڻ سبب ڪمند جي رَسُ سڪي وئي.اهڙي طرح ڪڻڪ جو باردانو به آبادگارن بجاءِ واپارين ۽ سرڪار جي ماڻھن حوالي ٿي ويو.باقي تعليم، صحت، پوليس، روينيو سميت سمورن کاتن جو جيڪو حشر نشر ٿيو سو به ڪنهن کان ڳجهو ڪونهي.

بهرحال چونڊن بعد هاڻي پيپلزپارٽي وري به سنڌ  جي حاڪم بڻجي چڪي آھي ۽ مٿس اهي ذميواريون لاڳو ٿين ٿيون جيڪي ماضيءَ ۾ هوءَ نڀائي نه سگهي جنهن جي نتيجي ۾ عوامي ردعمل جيڪو ووٽ ۾ مناسب متبادل نه هجڻ يا ذاتي لڳ لڳاپن جي بنيادي تي ڀلي نتيجا خيز بڻجي نه سگهيو هجي پر سوشل ميڊيا تي پڇاڻن ۽ سوالن جوابن وارين وڊيوز کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.تنهنڪري پ پ قيادت کي ان خام خيالي ۾ هرگز نه رهڻ گهرجي ته هي سرڪار ڪارڪردگي جي ئي بنياد تي جُڙي آھي، اهڙيءَ طرح مرڪز ۾ تبديلي جي نالي سان آيل عمراني سرڪار تي پڻ وڌ کان وڌ ذميواريون لاڳو ٿين ٿيون ته اها پڻ عوام جي اميدن تي پوري لهي ڇاڪاڻ ته چهرن جي تبديلي ملڪ ۾ نئين ڳالهه هونئن به ناهي رهي..

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏو ليڊر ٿيڻ لاءِ مارڪيٽ ۾ آيل ”يوٽرن“ جو نئون نسخو

امير ڀنڀرو ٻه  ڏينھن اڳ  ڪالم نويسن سان ملاقات دوران وزيراعظم عمران خان پنھنجي اصليت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے