18 اتوار , نومبر 2018

هڪ نئون منشور

عارف نظامي

تحريڪ انصاف جي حڪومت جي اوليت پاڪستان جي علائقائي ۽ بين الاقوامي سطح تي وڌندڙ اڪيلائپ کي ختم ڪرڻ آهي پر ڏسڻو اهو آهي ته تحريڪ انصاف اهو ڪم ڪيئن ڪري سگهندي؟.

ڊگهي عرصي کان وٺي نواز شريف خلاف هلندڙ ڪرپشن جي ڪيسن ۽ کيس سزا اچڻ سميت چونڊن جي ڊگهي ۽ ٿڪائيندڙ عمل کانپوءِ هاڻي عوام جي شديد خواهش اها ٿي پئي آهي ته فوري طور تي ملڪ جا بنيادي مسئلا حلا ڪيا وڃن. ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پنهنجي دور ۾ پرڏيهي وزير مقرر نه ڪيو هو ۽ اهي ذميواريون پاڻ سنڀالي رکيون هيون نتيجي ۾  ملڪ وڌ کان وڌ اڪيلائپ جو شڪار ٿيندو ويو. مسلم ليگ ( ن ) جي اڪثر اڳواڻن جو اهو ئي موقف رهيو آهي ته فوج اڪيلي سر پرڏيهي ۽ دفاعي معاملن تي پاليسيون ۽ هدايتون ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي تنهنڪري نواز شريف پرڏيهي وزارت جون ذميواريون پاڻ وٽ رکيون.

پر حقيقتون ان جي ابتڙ آهن، چيف آف آرمي اسٽاف قمر جاويد باجوهه وزير اعظم نواز شريف تي ان باري ۾ ڪيئي دفعا زور بار وجهندو رهيو هو ته هو ڪُل وقتي پرڏيهي وزير مقرر ڪري ۽ انهيءَ ڏس ۾ ان وقت مسلم ليگ ( ق ) جي سيڪريٽري جنرل ۽ سينيٽرمشاهد حسين  جي نالي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي چُڪي هُئي پر بعد ۾ نواز شريف جي جاءِ تي وزير اعظم ٿي ايندڙ شاهد خاقان عباسيءَ جي دور ۾ خواجه محمد آصف کي پرڏيهي وزير بڻايو ويو.

تحريڪ انصاف پاران ڏکڻ پنجاب مان شاهه محمود قريشيءَ کي پرڏيهي وزير طور تي مقرر ڪرڻ وارو فيصلو انتهائي شاندار آهي، جيتوڻيڪ تحريڪ انصاف ان حق ۾ نه هُئي. تحريڪ انصاف جي ڪوشش هُئي ته شاهه محمدو قريشي پنجاب جو وڏو وزير ٿئي، شاهه محمود قريشي نواز شريف جي شروعاتي حڪومت ۾ ڪجهه وقت لاءِ وفاقي ناڻي وارو وزير رهيو آهي.

ريمنڊ ڊيوس ڪيس دوران پيپلز پارٽيءَ جو شريڪ چيئرپرسن آصف علي زرداري، شاهه محمود قريشيءَ کان ناراض هيو جو  هو سمجهي رهيو هو ته ريمنڊ ڊيوس ڪيس ۾ شاهه محمود قريشي جي ايڇ ڪيو جي لائين تي هلي رهيو آهي.  پيپلز پارٽيءَ جي دور ۾ جڏهن کيس پرڏيهي وزارت بجاءِ پاڻي ۽ بجليءَ جي وزارت ڏني پئي وئي ته هُن ان وزارت وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ احتجاج طور تي پارٽيءَ کي پڻ خدا حافظ ڪيو.

جڏهن ته هاڻي شاهه محمود قريشي پرڏيهي وزير ٿيڻ بعد جيڪا پهرين پريس ڪانفرنس ڪئي ان ۾ هُن اها ڳالهه زور ڏئي چئي ته هو پنهنجي پرڏيهي دورن دوران نه ته فرسٽ ڪلاس ۾ سفر ڪندو ۽ نه ئي ڪنهن فائيو اسٽار هوٽل ۾ ته سندو، هو تحريڪ انصاف پاران اعلان ڪيل ”سادگي واري“ اعلان ٿي عمل ڪندو.  اهڙي نموني شاهه محمود قريشي پنهنجي پرڏيهي وزير ٿيڻ واري فيصلي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

پر افسوس سان پرڏيهي وزير ٿيڻ کانپوءِ هُو پرڏيهي معاملن کي ڪنهن مناسب نموني کڻي نه سگهيو، هُن گذريل ڏينهن وزير اعظم عمران خان آڏو هوٽل شيرزاد هيڊ ڪواٽرز ۾ جيڪا پرڏيهي معاملن متعلق بريفنگ ڏني ان ۾ هو ڪو درست رخُ بيان ڪري نه سگهيو.

هو عمران کي پنهنجي بريفنگ دوران وزيراعظم عمران خان ۽ آمريڪا جي پرڏيهي وزير مائڪ پومپيو وچ ۾ ٿيل فون گفتگو کي ئي بيان ڪندو رهيو. جڏهن ته آمريڪا جي پرڏيهي کاتي پاران عمران خان ۽ پومپيو وچ ۾ جيڪا فون ڳالهه ٻولهه ٿي هُئي ان متعلق وضاحتي بيان جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ اهو واضع ڪيو ويو آهي ته، ”سيڪريٽري پومپيو، وزير اعظم عمران خان سان جيڪا ڳالهه ٻولهه ڪئي هُئي ان ۾ هُن پاڪستان مان دهشتگرد ڪارروايون ڪندڙ دهشتگردن خلاف ڪاررواين جي اهميت تي ڳالهه ٻولهه ڪئي هُئي“،

ان کانپوءِ پاڪستان جي پرڏيهي آفيس فوري طور تي بيان جاري ڪندي آمريڪا جي پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان کي “ حقيقتن جي ابتڙ” قرار ڏنو ۽ اها دعوا ڪئي وئي ته فون ڳالهه ٻولهه ۾ اها ڳالهه ڪٿي به واضع ڪيل ناهي ته ڪو پاڪستان دهشت گرد سرگرمين ۾ مصروف آهي.، ڳالهه اتي ئي ختم نه ٿي ٿئي ، پاڪستان جي بيان کانپوءِ آمريڪا جي پرڏيهي آفيس فوري طور تي بيان جاري ڪيو جنهن ۾ چيو ويو ته ”پاڪستان جو جاري ڪيل بيان درست نه آهي“.

هاڻي انهيءَ ڳالهه جي درست يا غلط هجڻ جي خبر تڏهن پوندي جڏهن ٻنهي ڌرين وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه لکت جي صورت ۾ سامهون اچي، پر مجموعي طور تي تاثر ڪجهه ان طرح سان جڙي رهيو آهي ته جهڙوڪر پاڪستان جو پرڏيهي وزير ان معاملي تي تڪليف ۾ آهي.

جڏهن ته آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري مائڪ پومپيو اهو واضع ڪري چڪو آهي ته پاڪستان دهشت گردن لاءِ هڪ محفوظ جنت آهي، سندس اهڙو اظهار هن وقت بحث جو موضوع نه آهي. پر اصل ڳالهه اها آهي ته آمريڪا جي پرڏيهي وزارت جو کاتو ڄاڻايل بيان جي صداقت تي زور ڏيندو رهيو آهي جنهن جو مطلب آهي ته آمريڪا پاڪستان کي اهو واضع اشارو ڪري رهيو آهي ته هاڻي پاڪستان کي پنهنجو پاڻ کي صاف ڪرڻو پوندو.

آمريڪا افغانستان جي معاملي ۾ پنهنجي فوجي مداخلت واري معاملي تي ڪنهن حد تائين مايوسيءَ ۾ ورتل آهي. تاريخ جي ڊگهي ۾ ڊگهي جنگ جي پڄاڻي انهيءَ ضرورت تي مدار رکي ٿي ته طالبان سان ڳالهيون ڪيون وڃن  ۽ اڃان تائين اهو فرض ڪيو پيو وڃي ته اسلام آباد ئي طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻي سگهي ٿو . هاڻي صورتحال افغانستان جي نام نهاد صدر اشرف غني يا سندس آمريڪي پوئوارن جي وس ۾ نه رهي آهي جڏهن ته افغانستان جي هڪ وسيع علائقي تي طالبان ڪنٽرول ڪرڻ بعد حڪومت ڪري رهيا آهن.

گذريل ڪجهه هفتا افغانستان ۾ خوني رهيا آهن جنهن ڪري افغان فورسز جو وقار ۾ پڻ  مجروح ٿيو آهي. غزنيءَ ۾ ٿيندڙ هاڻوڪن حملن ڪري ڪافي جاني نقصان ٿيو آهي جنهن جو الزام پڻ پاڪستان جي انٽر سروس انٽيليجنس ( آءِ ايس آءِ ) تي هنيو ويو آهي. هندستان جي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ، ” انهن ڌماڪن ڪرڻ جو مقصد افغانستان ۾ هندستان جي اثر کي گهٽائي پاڪستان پنهنجو اثر وڌائڻ چاهي ٿو“،.

هاڻي اها ڳالهه واضع ٿي رهي آهي ته  آمريڪا جي اهڙي من گهڙت ڪهاڻيءَ جو مقصد پاڪستان کي قربانيءَ جو ٻڪرو بڻائڻ آهي. انهيءَ سموري پس منظر ۾ اسلام آباد کي ڪوشش ڪري آمريڪا کي وڌ ۾ وڌ قائل ڪرڻو پوندو  ته پاڪستان طالبان کي پاڪستان ۾ محفوظ ٿاڪ نه پيو مُهيا ڪري ۽ نه ئي کين پاڪ-افغان بارڊر پار ڪرڻ ۾ ڪا مدد ڪري رهيو آهي ، ٻي صورت ۾ دنيا اسان تي اعتبار ڪيئن ڪندي؟.

پاڪستان کي دهشت گرديءَ سان ڳنڍڻ جو مقصد آهي، پاڪستان تي ايف اي ٽي ايف جي مالي پابندين جي ور چاڙهڻ، جڏهن ته پاڪستان اڳ ئي گري لسٽ ۾ شامل آهي،  اهي به اطلاع آهن ته اسلام آباد اختيارين جي جيڪا ايف اي ٽي ايف جي نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ٿي ان ۾ پاڪستان جون اختياريون، ايف اي ٽي اي جي  نمائندن کي مطمئن ڪري نه سگهيون ، هاڻي جڏهن  ”ڊيڊ لائن“ جا ڏينهن پورا ٿيندا ته پاڪستان لاءِ حالتون سخت ٿي وينديون ۽ حد اچي بليڪ لسٽ جي دور ۾ داخل ٿيندي جن جي سمورن نتيجن جو جڙڻ انهيءَ معاملي سان هوندو جيڪو پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ تڪرار جو سبب بڻيل آهي.

انهيءَ سموري صورتحال دوران  آمريڪا جو پرڏيهي  سيڪريٽري، چين جو پرڏيهي وزير، جاپان ۽ ايران جا پرڏيهي وزير ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اسلام آباد ۾ هوند، جڏهن ته سعودي عرب جي شهزادي ۽ چيف آف آرمي اسٽاف وچ ۾ ٿيل ڳالهيون ۽ سندن ملاقات پڻ انهيءَ پس منظر ۾ اهم آهي.، اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته پاڪستان کي سندس دوست مدد ڪري رهيا آهن پر جي دوستن جون ڳالهيون رڳو ڳالهيون رهجي ويون ته پوءِ ڪوبه فائدو نه ٿيندو.

آءِ ايم ايف جي سخت پابندين باوجود سڄي دنيا مان پئسو حاصل ڪرڻ ڪو سولو نه آهي، مثال طور تي پاڪستان ڪئناڊا جي  سعودي عرب سان تلخيءَ جي معاملي تي مذمت ڪرڻ لاءِ به تيار هو ته جيئن سعودي عرب کان امداد وٺي سگهجي، واضع رهي ته ڪئناڊا سعودي عرب تي انساني حقن جي لتاڙ ڪرڻ تي مذمت ڪئي هُئي جنهن تي سعودي عرب ڪئناڊا کان ناراض هيو. هندستان سان اقتصادي رابطه بحال ڪرڻ هڪ سنجيده حقيقت آهي ان سلسلي ۾ وزير اعظم جون ڪوششون تعريف جوڳيون آهن ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جو مثبت رويو پڻ شاندار آهي، ايتري قدر جو پاڪستان جو ويجهو ۽ پراڻو دوست چائنا پڻ پاڪستان تي زور بار ڪيو آهي ته علائقي جي سالميت ۽ خوشحاليءَ لاءِ ضروري آهي ته هندستان سان لاڳاپا بهتر ڪيا وڃن.

اها ڳالهه به واضع آهي ته فوجي قيادت سموري دفاحي صورتحال کي سامهون رکندي نون جڙندڙ لاڳاپن ۽ پرڏيهي پاليسين تي پڻ نظر رکندي جڏهن ته قومي سلامتي ڪائونسل اهڙن سمورن معاملن تي سوچ ويچار ۽ فيصلا ڪرڻ لاءِ هڪ مناسب پليٽ فارم آهي.

اهڙي سموري  صورتحال ۾ شاهه محمود قريشيءَ کي هڪ مشڪل صورتحال کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ هاڻي مٿس ئي ذميواري آهي ته هو پاڪستان  لاءِ هڪ نئين پرڏيهي پاليسي ترتيب ڏئي، پر موجود صورتحال ۾ جڏهن معاملن کي عام روايتي انداز ۾ ڏٺو وڃي تڌهن  اهڙي ڪنهن به عمل جي گنجائش نه ٿي رهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ انساني حقن جي لتاڙ وارو الميو !

امير ڀنڀرو سڄي دنيا ۾ جتي انسانن جو نالو اچي ٿو اتي انهن جي حقن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے