12 بدھ , دسمبر 2018

پاڪ ڀارت انڊس واٽر جون ٻن ڏينهن واريون ڳالهيون اڄ کان لاهور ۾ شروع

The talk of Pak-India water dispute began in Lahoreلاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪ ڀارت پاڻي تڪرار تي ٻه روزا ڳالهين جو سلسلو  اڄ کان شروع ٿي ويو. پاڪستان ۽ ڀارتي انڊس واٽر ڪمشنرن جي وچ ۾ ڳالهين جي پهرين دور ۾ وفد جي سربراهي ڀارتي انڊس ڪمشنر پي ڪي سڪسينا جڏهن ته پاڪستاني وفد جي سربراهي پاڪستان انڊس واٽر ڪمشنر مهرعلي شاهه ڪري رهيو آهي. پاڪستان ۽ ڀارتي وفدن جي وچ ۾  نيسپاڪ آفيس ۾ ڳالهيون ٻن ڏينهن تائين جاري رهنديون، پاڪستان ڀارت جي هائيڊرو پاور پراجيڪٽن پڪل دل ۽ لوئر ڪلنئي تي اعتراض ڪيا آهن جنهن تي ڀارتي وفد پنهنجو موقف پيش ڪندو. ياد رهي ته ڀارت چناب دريا تي 1500 ميگاواٽ جو پل ڊيم ۽ 45 ميگاواٽ جو لوئر ڪلنائي ڊيم ٺاهي رهيو آهي جنهن تي پاڪستان طرفان اعتراض واريو ويو هو. پاڪستان جو موقف آهي ته ٻنهي منصوبن جو ڊيزائن  پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ طئي ٿيل 1960 جي انڊس واٽر ٽريٽي جي ڀڃڪڙي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀ ڪيس گذريل دور جا آهن، اسان ڪو ڪيس ناهي ٺاهيو: عليم خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ عليم خان چيو آهي ته سڀ ڪيس گذريل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے