15 جمعرات , نومبر 2018

اميد آهي ته فضل الرحمان منهنجي حق ۾ هٿ کڻي ويندو: اعتزاز احسن

I hope Fazlur Rehman will be handed over to me: Aitzaz Ahsanاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي طرفان نامزد صدارتي اميدوار اعتزاز احسن اميد ظاهر ڪئي آهي ته مولانا فضل الرحمان سندس حق ۾ صدارتي اميدوار واري ڊوڙ تان هٿ کڻي ويندو. اليڪشن ڪميشن ۾ نامزدگي فارمن جي منظوري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن جو چوڻ هو ته مولانا فضل الرحمان ذاتي دوست آهي، سندس احترام ڪيان ٿو، اميد آهي ته هو منهنجي حق ۾ صدارتي اميدوار واري ڊوڙ تان هٿ کڻي ويندو. هن چيو ته سڀني پارٽين مان ووٽ ملڻ جي اميد آهي اهو ضمير جو ووٽ آهي ۽ سيڪرٽ بيلٽ ضمير جو ووٽ هوندو آهي. اعتزاز احسن جو چوڻ هو ته آرٽيڪل 63 اي اسمبلي ميمبرن کي پارٽي جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ جو پابند ڪري ٿو ۽ هي انصاف جو وقت آهي ،  پي ٽي آءِ اميدوارن جي وچ ۾ پڻ انصاف ڪرڻو آهي. سندس چوڻ هو ته صدارت لاءِ موزون ڪير آهي ان جو فيصلو ووٽر کي ڪرڻو آهي اميد آهي ته پي ٽي آءِ جا ڪيترائي ميمبر مونکي ووٽ ڏيندا. اعتزاز احسن جو وڌيڪ چوڻ هو ته صدارتي اميدوار لاءِ منهنجو نالو هجڻ منهنجي پارٽي جا ٿورا آهن. واضح رهي ته اڄ چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا صدارتي اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ ڪري رهيو آهي، ان موقعي تي پيپلز پارٽي جو اعتزاز احسن ۽ تحريڪ انصاف جو ڊاڪٽر عارف علوي پيش ٿيا. ٻنهي اميدوارن جي نامذدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ بعد چيف اليڪشن ڪمشنر نامزدگي فارم درست قرار ڏيندي منظور ڪري ورتا. صدارتي اميدوارن ۾ تحريڪ انصاف جي ڊاڪٽر عارف علوي، پيپلز پارٽي جي اعتزاز احسن ۽ مخالف ڌر جي ٻين پارٽي جو اميدوار مولانا فضل الرحمان جا نالا شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مولانا سميع الحق قتل ڪيس جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) جي يو آءِ س سربراهه مولانا سميع الحق ڪيس ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے