17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز: کپرو:اڇڙو ٿر جي ڳوٺن کي ڏڪار سٽيل قرار ڏنو وڃي،سجاڳ فورم جو مطالبو

Khipro: Villages facing drought condition, demands to renew it*ٿر سجاڳ فورم جي عهديدارن چيو آهي تھ کپرو جي اڇڙي ٿر واري علائقي کي ڏڪار سٽيل قرار ڏنو وڃي.

کپري ۾ اڇڙو ٿر سجاڳ فورم ۽ سول سوسائٽي جي جان محمد راڄڙ ،حاجي شاد راڄڙ ،ملوڪ درس ،شفيع محمد راڄڙ ۽ ٻين پريس ڪانفرس ڪندي چيو آهي ته کپري تعلقي  جي اڇڙي ٿر جي ڳوٺن اسوڏر ،راڻاهو ،راٻلائو ،جيڻيار ،ٿوراهو ،کٿورائو ،وسڻائو ،جيسرو ،جسار ۽ سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ڏڪار واري صورتحال آهي.

هنن چيو تھ  چوپائي مال ۾ بيماريون پکڙجي ويون آهن جڏهن تھ  جر جو پاڻي ٻاڙو ٿي ويو آهي.

سجاڳ فورم ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن چيو تھ  7 مهينن کان ڪو وونٽري آفيسر کپري ۾ مقرر ٿي نه سگهيو آهي، جڏهن تھ 16 هزار فردن جي  آيل ڪڻڪ جي ورهاست بھ  ٿي نه سگهي آهي.

 اڇڙوسجاگ فورم جي عهديدارن  وفاقي توڙي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو آهي اڇڙو ٿر کي ڏڪار سٽيل قرار ڏئي هنگامي بنيادن تي اڇڙو ٿر ۾  سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن……..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : ڏھرڪي: لغاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، چئن  عورتن سميت  3 مرد زخمي

ڏھرڪي ويجهو  يو سي داد لغاري ۾ پاڻي جي معاملي تان لغاري برادري جي ٻن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے