15 جمعرات , نومبر 2018

غداري ڪيس، انٽرپول پرويز مشرف جي گرفتاري واري درخواست رد ڪري ڇڏي: گهرو سيڪريٽري

Ghazi's case dismisses petition petition case: Interior Secretaryاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سنگين غداري ڪيس ۾ گهرو سيڪريٽري عدالت ۾ پرويز مشرف جي گرفتار نه ٿيڻ تي جواب داخل ڪرائي ڇڏيو جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انٽرپول اڳوڻي صدر تي گرفتاري لاءِ ڏنل درخواست کي رد ڪري ڇڏيو. اسلام آباد جي خاص عدالت سنگين غداري ڪيس جي 20 آگسٽ تي ٿيندڙ ٻڌڻي ۾ پرويز مشرف جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ باوجود اڳوڻي صدر جي گرفتار نه ٿيڻ تي گهرو سيڪريٽري کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪيو هو. اسلام آباد جي خاص عدالت جي سربراهه ياور علي ۽ جسٽس نذر محمد اڄ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي خلاف سنگين غداري واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ گهرو سيڪريٽري عدالت ۾ پيش ٿيو. گهرو سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته حڪومت پرويز مشرف کي آڻڻ لاءِ انٽرپول کي درخواست ڪئي هئي پر انٽرپول درخواست رد ڪري ڇڏي. گهرو سيڪريٽري موجب انٽرپول اختيارين ٻڌايو ته سندن قانوني دائري ۾ سنگين غداري ڪيس نٿو اچي. گهرو سيڪريٽري جي جواب تي عدالت تي انٽرپول کي ڏنل جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو جنهن تي گهرو سيڪريٽري چيو ته جواب اڄ ئي جمع ڪرايو ويندو. ٻڌڻي دوران خاص عدالت جي سربراهه جسٽس ياور علي پڇاڻو ڪيو ته ڇا پرويز مشرف جو 342 جو بيان اسڪائپ تي وٺي سگهجي ٿو؟  ڇا 342 جي بيان کانسواءِ ڪاروائي اڳتي نٿي وڌي سگهي؟ عدالت هدايت ڪئي ته ايندڙ ٻڌڻي تي اسڪائپ تي بيان وٺڻ يا ان کانسواءِ ڪاروائي وڌائڻ تي دليل ڏنا وڃن جڏهن ته عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 10 سپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسحاق ڊار جا اڪائونٽ منجمند: 36 ڪروڙ رپيه پنجاب حڪومت کي منتقل

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ناڻي واري اڳوڻي وڏي وزير اسحاق ڊار جا اثاثا منجمد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے