16 جمعہ , نومبر 2018

عاطف جي آواز ۾ ماضي جو مشهور گيت ”چلتي چلتي“ ريليز

The famous song featuring Atif's voice is "chalte chalte" ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان جي ناليواري راڳي عاطف اسلم جو خوبصورت آواز ليجنڊري ڀارتي اداڪارا مينا ڪماري تي فلمايل گيت” چلتي چلتي“ ۾ پڻ شامل ٿي ويو جڏهن ته سندس آواز ۾ ڳايل گيت تي مداحن جو مليل جليل ردعمل سامهون آيو آهي. باليووڊ جي ايندڙ ” مترن“ جو ٽيون گيت” چلتي چلتي“  ريليز  ڪيو ويو آهي جنهن کي راڳي عاطف اسلم ڳايو آهي. اصل ۾ اهو گيت 1972 ۾ ريليز ٿيندڙ فلم” پاڪيزا“ جو آهي جنهن جا ٻول غلام محمد لکيا هئا ۽ ليجنڊري ڳائڻي لتا منگيشڪر پنهنجي مڌهر آواز ۾ ڳايو هو. اها فلم 1972 ۾ ريليز ٿيندڙ مشهور فلمن ۾ هڪ هئي جنهن ۾ اداڪارا مينا ڪماري مرڪزي ڪردارادا ڪيو هو جڏهن مٿس فلمايل گيت” يون هي ڪوئي مل گيا“ چلتي چلتي“ اڄ پڻ مقبول آهي. فلم مترن لاءِ ان گيت کي ريميڪ ڪيو ويو آهي ته جنهن جا ٻول تنيشڪ بگچي لکيا آهن. عاطف اسلم گيت ٽوئيٽر تي سمورن مداحن سان شيئر ڪيو جنهن تي ڪجهه مداحن پسندگي جو اظهار ڪيو جڏهن ته ڪجهه مداحن تبصرا ڪندي لکيو ته حقيقي گيت کي خراب ڪري ڇڏيو آهي ۽ عاطف اسلم هن ڀيري”آئيڪونڪ“ گيت سان انصاف ناهي ڪيو. واضح رهي ته گذريل هفتي عاطف اسلم عيدالاضحيٰ تي پڻ استاد نصرت فتح علي خان جو مشهور گيت” ديکتي ديکتي“ جو ريمڪ پيش ڪيو هو جنهن تي پڻ مداحن مليل جليل ردعمل جو اظهار ڪيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Deepika Padukone’s engagement ring is as lavish as her wedding. See pics

رنوير طرفان پنهنجي ڪنوار دپيڪا کي ڏنل پهرين تحفي جا چرچا

ممبئي ( شوبز نيوز ) رنوير سنگهه پنهنجي ڪنوار دپيڪا پڊڪون کي قيمتي منڊيءَ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے