20 منگل , نومبر 2018

حڪومت جا فيصلا گوگل ذريعي ٿي رهيا آهن: احسن اقبال

Government decisions are being made by Google: Ahsan Iqbalاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ نون جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت جا سڀ فيصلا گوگل ذريعي ٿي رهيا آهن. اسلام آباد ۾ مخالف ڌر جي ٻين اڳوڻن سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته مسلم ليگ ن مخالف ڌر جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي پر اسان قرباني ڏني ۽ پنهنجو صدارتي اميدوار نامزد ناهي ڪيو، اسان جي صدارتي اميدوار مولانا فضل الرحمان جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن، اپوزيشن جو متفقه اميدوار ٿيو ته ڪامياب ٿي سگهي ٿو. اسان اميد ڪيون ٿا ته پيپلز پارٽي جي اڪثريت جو احترام ڪندي ۽ صدارتي چونڊ لاءِ اسان جي حمايت ڪندي. احسن اقبال چيو ته اڳ ۾ اسان جو خيال هو ته ملڪ ۾ انڊر 19 جي ٽيم اچي وئي آهي پر جيئن جيئن ڏينهن گذري رهيا آهن لڳي رهيو آهي ته انڊر 11 جي ٽيم حڪومت ڪري رهي آهي، حڪومت جي هر شيءَ جا فيصلا گوگل تان ٿي رهيا آهن، هر معاملي جو حل گوگل ڏئي ته پوءِ حڪومت ڪهڙي مرض جي دوا آهي، تحريڪ انصاف وٽ ڪو به روڊ ميپ ناهي، عمران خان عوام کان پڇي رهيو آهي ته مني لانڊرنگ جو پيسو ڪيئن واپس آندو وڃي. جي يو آءِ ف جي اڳواڻ عبدالغفور حيدري چيو ته پيپلز پارٽي هڪ جهموري پارٽي آهي هن ڪيتريون ئي قربانيون ڏنيون آهن، اميد آهي پيپلز پارٽي اپوزيشن جي فيصلي جو احترام ڪندي. هن چيو ته عمران خان ڪفايت شعاري مهم جي ڳالهه ڪري ٿو، ڪوڙ اهڙو ڳالهايو وڃي جنهن تي ٿورو سچ جو پاسو به هجي، اسان پڻ مطالبو ڪيون ٿا ته اسان کي به عمران خان وارو سستو هيلي ڪاپٽر ڏنو وڃي. پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سينيٽر عثمان ڪاڪڙ چيو آهي ته پيپلز پارٽي هڪ امتحان ۾ آهي، اسان کي اميد آهي ته پپيلز پارٽي جهموري قوتن جو ساٿ ڏيندي، جيڪڏهن پيپلز پارٽي جهموري قوتن جو ساٿ نه ڏنو ته سدائين تاريخ اڳيان جوابدار هوندي. هن چيو ته هن ملڪ جو  اصل وارث 22 ڪروڙ عوام آهي، اين ايف سي ايوارڊ ۾ ڪنهن به صورت ۾ صوبن جي ڪوٽا گهٽ ڪرڻ نه ڏينداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ايس ايل 4 ڊرافٽنگ: لاهور قلندر اي بي ڊي ويليئرز، محمد حفيظ کي چونڊي ورتو

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز ) پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن لاءِ رانديگرن جي ڊرافٽنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے