17 ہفتہ , نومبر 2018

حڪومت پاران پيمرا کي ختم ڪري پاڪستان ريگوليٽري اٿارٽي ٺاهڻ جو اعلان

Announcement of Pakistan Regulatory Authority by eliminating the pamphlet by the Governmentاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌسماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري پاڪستان اليڪٽرنڪ ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي ۽ پريس ڪونسل کي ختم ڪري پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا لاءِ هڪ ئي اٿارٽي جوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي. اسلام آباد  ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سڌسماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري  جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته مولانا فضل الرحمان لاءِ پارليامنٽ بوگس آهي ۽ ووٽ جعلي آهي پر هو اهڙي جعلي ووٽن واري پارليامنٽ مان ووٽ وٺي صدر بڻجڻ خواهشمند آهي. وفاقي وزير ٻڌايو ته ميڊيا جي ماڻهن جي راءِ سان فيصلو ڪيو، پيمرا ۽ پريس ڪونسل ٻنهي کي ختم ڪري رهيا آهيون، پاڪستان ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي ٺاهي رهيا آهيون جيڪا نه رڳو اليڪٽرانڪ پر پرنٽ ميڊيا ۽ ان سان گڏوگڏ سوشل ميڊيا تي به نظر رکندي. سندس چوڻ هو ته انهن سمورين شين لاءِ هڪ ئي ريگوليٽري اٿارٽي هئڻ گهرجي، سموري ميڊيا تي هڪ ئي قانون ۽ سنسر لاڳو ٿيڻ گهرجن، ان سان رياست جا وسيلا بچندا، سمورين اٿارٽين کي ضم ڪري پروفيشنلز جي اٿارٽي ٺاهينداسين جنهن ۾ ميديا جي ماڻهو به شامل هوندا. فواد چوڌري جو چوڻ هو ته ايندڙ ڏينهن ۾ سڌ سماءَ واري وزارت، ريگوليٽري باڊيز ۽ پي ٽي وي ۾ پڻ تبديليون نظر اينديون، پي ٽي وي ۾ سنسرشپ ختم ڪئي وئي آهي، هاڻ ماڻهو چون ٿا ته پي ٽي وي مخالف ڌر کي وڌيڪ ٽائم ڏئي رهي آهي ان تي مخالف ڌر کي اسان جا ٿورا مڃڻ گهرجن. سڌسماءَ واري وزير چيو ته گذريل حڪومت اشتهارن تي هلي رهي هئي، اشهتارن جو خرچ پڇڻ تي ن ليگ واڪ آئوٽ ڪيو، وزيراعظم پابندي لڳائي ڇڏي آهي ته ذاتي مشهوري تي هڪ پيسو به خرچ نه ٿيندو. فواد چوڌري جو چوڻ هو ته حڪومت ملڪ جي وڏن مسئلن کي ڏسي رهي آحي، وزيراعظم ايوان کي عزت ڏيڻ لاءِ پهرين ڏينهن ايوان ۾ آيو جڏهن ته اڪثريت هئڻ سبب نواز شريف ايوان ۾ نه ايندو هو، جهموريت ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر ٻنهي جي ذميداري آهي، ايڏي وڏي مخالف ڌر جيڪڏهن چئي ته هائوس نه هلڻ ڏينداسين ته نه هلندو، اسان پهرين ڏينهن ئي مخالف ڌر سان ڳالهيون ڪيون هون، مخالف ڌر سان گڏجي ڳالهين کي اڳتي وڌائينداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے