15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: باڊھ: پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ۽ ٺيڪدارن پاران  ترقياتي ڪم اڌ ۾ڇڏي وڃڻ خلاف احتجاج

Badah: Protest against water shortage*باڊھ  ۾  پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ۽ ٺيڪدارن پاران  ترقياتي ڪم اڌ ۾ڇڏي وڃڻ خلاف  شهرين طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي  ڌرڻو هنيو ويو.

شھر جي مختلف ڌرين پاران گلزار گوپانگ،  رزاق نوناري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ درگاهه  چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي پوليس ٿاڻي، ٽائون ڪاميٽي آفيس آڏو ۽ حيدر چوڪ وٽ جدا جدا ڌرڻا هنيا ويا.

ان موقعي تي هنن چيو ته واٽر سپلاءِ  اسڪيم ناڪارهه ٿي وڃڻ ڪري شھر جي مختلف پاڙن ۾ پيئڻ جو پاڻي فراهم نھ ٿو ڪيو وڃي.

هنن چيو تھ   شھر ۾ ڪروڙين روپين جي لاڳت سان هلندڙ ترقياتي ڪم ٺيڪدار اڌ ۾ ڇڏي ويا آھن جنهن ڪري شھري سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آھن.

شهرين  گهر ڪئي ته شھر جا مسئلا فوري طور حل ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو ……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : پاڻي جي کوٽ خلاف جوهي جي آبادگارن جو ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج

پاڻي جي کوٽ خلاف جوهي جي آبادگارن جو ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج رپورٽ : …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے