17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز:هالاڻي: پرائمري اسڪول بچل بروهي جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب 10 ٻارڙا زخمي

Halani: 10 students injured, school building fall offهالاڻي  ويجهو  گورنمينٽ پرائمري اسڪول بچل بروهي جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب 10 کان مٿي ٻارڙا زخمي ٿي پيا  آهن.

گورنمينٽ پرائمري اسڪول بچل بروهي  جي ڇت جا چاپڙ  ڪرڻ سبب 10 کان وڌيڪ شاگرد زخمي ٿي پيا، جن  مان ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

ڳوٺاڻن  زخمي ٻارڙن کي کڻائي  هالاڻي اسپتال پهچايو ، زخمين ۾  نياز علي سولنگي، توحيد علي سولنگي، مختيار، عارف علي، ماجد علي ۽ ٻيا شامل آهن.

 اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ تي اسڪول جي ٻارڙن، استادن ۽     شاگردن ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.

هوڏانهن اسڪول جي هيڊ ماستر شفيع محمد ميمڻ ٻڌايو تھ  سندن  اسڪول جي بلڊنگ تمام پراڻي ٿي وئي آهي.

هن چيو تھ ڪيترائي  ڀيرا ڊي او ۽ اعليٰ اختيارن کي بلڊنگ جي مرمت  لاءِ درخواستون ڏنيون  پر اڄ تائين  ڪوبھ کڙ تيل ناهي نڪتو.

هيڊ ماستر چيو تھ هتان جا ڳوٺاڻا ۽ ٻارڙا ڇت  جا چاپڙ ڪرڻ سبب خوف ۾ ورتل آهن .

هوڏانهن ڳوٺاڻن چيو تھ جيستائين اسڪول جي مرمت نھ ٿي ڪرائي وڃي سندن ٻارڙا اسڪول نھ ويندا…………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ | لاڙڪاڻو: موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ 2 حياتيون کسي ورتيون

لاڙڪاڻي ۾ موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ دوران ٽڪر لڳڻ ڪري زال ۽ مڙس ٿڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے