20 ہفتہ , اکتوبر 2018

شيخ رشيد جي ريلوي جي زمين کي “پيءُ جي جاگير“ چوڻ واري بيان تي سينيٽ ۾ گوڙ

The land of Shaikh Rashid's railway in the center of the father's Jagir "statementاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد طرفان ريلوي جي زمين کي پيءُ جي جاگير چوڻ واري بيان تي ايوان بالا ۾ گرما گرمي واري صورتحال پيدا ٿي وئي جنهن بعد مخالف ڌر ڪارروائي جو واڪ آئوٽ ڪيو. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊويوالا جي صدارت هيٺ سينيٽ اجلاس دوران ريلوي واري وزير شيخ رشيد پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ريلوي جي خسارو 2013 ۾ 30 ارب هو ۽ 2018 ۾ 41 ارب آهي ۽ ريلوي وٽ 20ايڪڙ ايراضي پئي آهي. شيخ رشيد چيو ته ته اڱاري تي معاملو ڪابينا ۾ کڻي وينداسين ۽ ڪابينا فيصلو ڪندي ته ان ايراضي کي ليز تي ڏيڻو آهي يا وڪرو ڪرڻو آهي. شيخ رشيد جو چوڻ هو ته ريلوي جي زمين ڪنهن جي پيءُ جي جاگير ناهي، قبضا مافيا ريلوي  جي زمين کي پيءَ جي جاگير سمجهو آهي. ريلوي واري وزير جي بيان تي مخالف ڌر احتجاج ڪيو ۽ چيو ته ريلوي واري وزير پيءُ جي جاگير جهڙا غير پارلياماني لفظ استعمال ڪيا، اسان غيرپارلياماني بيان تي واڪ آئوٽ ڪيون ٿا. مرتضيٰ جاويد عباسي سينيت ۾ ڪروم مڪمل نه ٿيڻ جي نشاندهي ڪئي ۽ چيو ته نئين پاڪستان ۾ ڪورم تي پورو ڪيو جنهن تي سڌسماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري رمارڪس ڏنا ته ڇا ٻارن کي مذاق جو نشانو بڻايو پيو وڃي. فواد چوڌري مرتضيٰ جاويد عباسي کي مخاطب ٿيندي چيو ته سينيٽ اجلاس تي لکين رپيا خرچ ٿي رهيو آهي توهان گهر وڃي آرام ڪيو. سينيٽ اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائنيدي سڌسماءَ واري وزير چيو ته گذريل حڪومت اشتهارن تي هلي رهي هئي، اشهتارن جو خرچ پڇڻ تي ن ليگ واڪ آئوٽ ڪيو، وزيراعظم پابندي لڳائي ڇڏي آهي ته ذاتي مشهوري تي هڪ پيسو به خرچ نه ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اميد آهي ته قطر جلد پاڪستانين کي روزگار ڏيڻ واري معاهدي تي عمل ڪندو: وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته قطر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے