15 جمعرات , نومبر 2018

وفاقي ڪابينا ۾ واڌ جو فيصلو، وڌيڪ ڏهن وزيرن کي شامل ڪرڻ جو امڪان

Increasing decision in federal cabinet, possibility of adding more than ten ministersاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن تحت ايندڙ مهيني وڌيڪ 8 کان 10 وزير ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ جا امڪان آهن. وزيراعظم عمران خان جي وفاقي ڪابينا هن وقت 16 وزيرن ۽ 5 صلاحڪارن تي ٻڌل آهي ۽ ڪيتريون ئي وزارتون اڃان تائين خالي آهن جن جا قلمدان وزيراعظم وٽ آهن. ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان کي وزارتن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪيتريون ئي وزارتون خالي هئڻ سبب حڪومتي مشينري پنهنجو ڪم درست طريقي سان انجام ناهي ڏئي رهي ۽ ٻين معاملن ۾ روڪاٽون پيش اچي رهيو آهن. ذريعن موجب وزيراعظم کي ٻڌايو ويو آهي ته جهڙي طرح اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿي رهيو آهي پر ان جي 6 وزيرن جا عهدا خالي آهن جن مواصلات، پاور ڊويزن، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي، نجڪاري، شماريات ۽ آبپاشي وسيلا شامل آهن انهن وزارتن جا فيصلا سيڪريٽري حد تائين ته ٿي سگهن ٿا پر اهم فيصلن ۾ پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهيون.ذريعن ٻڌايو ته وزيراعظم خالي وزارتن کي مڪمل ڪرڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن بعد ايندڙ مهيني 8 کان 10 وزيرن کي ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي. واضح رهي ته وزيراعظم گهرو وزير جا معاملا ڏسڻ لاءِ شهريار آفريدي کي گهرو وزير بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے