16 جمعہ , نومبر 2018

ڪرپٽ عنصرن جو بنا فرق احتساب حڪومت جي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

The difference between the corruption factor is the first priority of the government: Prime Ministerاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرپشن ۽ ڪرپٽ عنصرن جو بنا فرق جي احتساب حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم عمران خان سان نيب چيئرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال ملاقات ڪئي ۽ کيس وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي وڌايون ڏنيون.وزيراعظم عمران خان نيب چيئرمين سان ملاقات ۾ قومي احتساب بيورو جي تازي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو ۽ شفافيت کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا، بدعنوان ۽ ڪرپٽ عنصرن جو بنا فرق احتساب حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته حڪومت نيب کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ اداري جي انگ کي وڌائڻ لاءِ پُرعزم آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے