13 منگل , نومبر 2018

گهوٽڪي: ڪارنهن تڪرار تان نوجوان گوليون هڻي قتل

Ghotki: Young bullets killed by karaokeگهوٽڪي(ويب ڊيسڪ) گهوٽڪي ويجهو ڪارنهن تڪرار تان نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي. بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڌڻي بخش ڀيري ۾ ڪارنهن تڪرار تان رات دير سان ٽيھن ورهين جي  نوجوان شاهنواز ڀيري کي هٿياربندن گهر اندر گهڙي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش کڻائي سول اسپتال پهچايو جتان مڙهه  پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس موجب واقعو ڪارنهن جي معاملي تان پيش آيو آھي ۽ ياسين ڀيري ۽ ٻين هن نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪيو آھي.پوليس جو چوڻ آهي تھ  هو وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهن ، جڏهن تھ  واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسڪول فيسن ۾ واڌ، ڊي جي پرائيويٽ اسڪول سميت 4 اسڪولن کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اسڪول فيسن ۾ 5 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ واري معاملي تي سنڌ هاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے