18 اتوار , نومبر 2018

لاڙڪاڻو:اديب، استاد عيسيٰ ميمڻ جي جبري گمشدگي خلاف احتجاج

Larkana: Protest against forced Kidnap teacher essa memonلاڙڪاڻو(ويب ڊيسڪ)اديب، استاد ۽ سياسي سماجي اڳواڻ عيسي ميمڻ جي جبري گمشدگي خلاف لاڙڪاڻي ۾احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.کنڀي گم ڪيل عيسي ميمڻ جي وارثن، ايس يو پي اڳواڻ ڊاڪٽر مظهر مغل، خليق ميمڻ، خان غفار خان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سندس آزاديءَ لاءِ نعريبازي ڪئي.ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته عيسي ميمڻ کي گورنمينٽ بوائز ميونسپل اسڪول مان کنڀي گم ڪيو ويو آهي، هو ڪنهن به غيرقانوني سرگرمي ۾ملوث ناهي.هنن چيو ته عيسيٰ ميمڻ استاد سان گڏ اديب، دانشور ۽ ليکڪ پڻ آهي جيڪو ڪميشن جي امتحان لاءِ تياري ڪري رهيو هو.اڳواڻن چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي کيس بنا دير آزاد ڪرايو وڃي، جيڪڏهن سندس هو ڏوهه آهي ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر بڻائينداسين: آرمي چيف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته ڪراچي ۾ سيڪيورٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے