17 ہفتہ , نومبر 2018

ذلفي بخاري جي نيب ۾ حاضري، آف شور ڪمپنين بابت پڇاڳاڇا

Inquiry about the presence of the Mufti Bukhari NAB, the absence of offshore companiesراولپنڊي(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي ويجهي ساٿي ذلفي بخاري کان نيب اختيارين آف شور ڪمپنين بابت پڇاڳاڇا ڪئي. ذريعن موجب عمران خان جي ويجهي ساٿي ذلفي بخاري قومي احتساب بيورو راولپنڊي جي آفيس ۾ پيش ٿيو.  ذريعن موجب ذلفي بخاري کي آف شور ڪمپنين جي جاچ واري سلسلي ۾ سڏايو ويو هو،  نيب راولپنڊي جي ٽه رڪني جاچ ٽيم کائنس سوال ڪيا ۽ پڇاڳاڇا 2 ڪلاڪن تائين جاري رهي. ذريعن موجب ذلفي بخاري نيب جي ٽيم کي جواب ڏنو آهي هن چيو آهي هو ڪجهه ڪاغذ برطانيا ۾ آڻي ٽيم اڳيان پيش ڪندو. واضح رهي ته ذلفي بخاري جو نالو اي سي ايل ۾ شامل آهي ۽ کيس نيب ان کان اڳ به طلب ڪري چڪي آهي. نگران حڪومت جي دور ۾ عمران خان سان گڏ عمري جي ادائيگي تي ويندڙ ذلفي بخاري کي اميگريشن اختيارين ملڪ کان ٻاهر وڃڻ کان روڪي ڇڏيو ته پر ڪجهه دير بعد ئي کيس وڃڻ جي اجازت ملي وئي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Model Town case: SC to hear petition for formation of new JIT

ماڊل ٽائون سانحو: جاچ لاءِ نئين جي آءِ ٽي جوڙڻ واري درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

لاهور (ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ماڊل ٽائون سانحي جي جاچ لاءِ نئين جي آءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے