18 اتوار , نومبر 2018

رپورٽ: لاڙڪاڻو : اديب، استاد ۽ سياسي سماجي اڳواڻ عيسيٰ ميمڻ کنڀي گم، آزاديءَ لاءِ احتجاج

Larkana: Adab, teacher and political social leader, essa memon, protest for freedomسنڌ ۾جبري گمشدگين جو سلسلو وڌندو پيو وڃي، لاڙڪاڻي مان اديب، استاد ۽ سياسي سماجي اڳواڻ عيسي ميمڻ کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جنهن جي آزاديءَ لاءِ احتجاج جو سلسلو جاري آهي.

ٻڌايو پيو وڃي ته عيسي ميمڻ کي اڻڄاتل  ماڻهون  ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان  کنڀي ويا آهن.

ميونسپل هاءِ اسڪول جي چوڪيدارن ٻڌايو ته 28 آگسٽ تي ساڍي پنجين وڳي 2 ڊبل ڪئبن گاڏيون اسڪول ۾آيون جن تي نمبر پليٽون نه هيون.

هنن ٻڌايو تھ گاڏيون اسڪول جي لائبرري اڳيان اچي بيٺيون جن مان ٻُٽون ٻڌل هٿيار بند لٿا جيڪي عيسيٰ ميمڻ کي مارڪٽ ڪندا گاڏي ۾کڻي هليا ويا.

واضح رهي ته عيسي ميمڻ جي ايس ٽي استاد، سرسوتي ساهت گهر لاڙڪاڻو جو پبلشر، ڇهن ڪتابن جو ليکڪ ۽ سنڌ يونيورسٽي لاڙڪاڻو ڪئمپس جو وزيٽنگ ليڪچرار پڻ آهي.

عيسي ميمڻ ايس يو پي لاڙڪاڻي جو ضلعي اڳواڻ ۽ موهن جو دڙو اڪيڊمي جو بنيادي ميمبر پڻ آهي، هو سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاني ۽ ڏوڪري شاخن جو سيڪريٽري پڻ رهيو.

عيسي ميمڻ جي جبري گمشدگي خلاف سندس وارثن، ايس يو پي اڳواڻ ڊاڪٽر مظهر مغل، خليق ميمڻ، خان غفار خان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾لاڙڪاڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سندس آزاديءَ لاءِ نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته عيسي ميمڻ کي گورنمينٽ بوائز ميونسپل اسڪول مان کنڀي گم ڪيو ويو آهي، هو ڪنهن به غيرقانوني سرگرمي ۾ملوث ناهي……

هنن چيو ته عيسيٰ ميمڻ استاد سان گڏ اديب، دانشور ۽ ليکڪ پڻ آهي، جيڪو ڪميشن جي امتحان لاءِ تياري ڪري رهيو هو.

اڳواڻن چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي کيس بنا دير آزاد ڪرايو وڃي، جيڪڏهن سندس هو ڏوهه آهي ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي……

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : ڪشمور  ۾ سکر بيگاري بند ڊويزن ايريگيشن  جي ڪلارڪ   خلاف  بيروزگار نوجوان  جو  احتجاج

ڪشمور  ۾ سکر بيگاري بند ڊويزن ايريگيشن عملدارن  خلاف  بيروزگار  احتجاج ڪيو . نوجوان عنايت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے