16 جمعہ , نومبر 2018

پاڻي تڪرار ڳالهيون: پاڪستان جو پڪل ڊل ۽ لوئر ڪلنائي تي اعتراض برقرار

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪ – ڀارت پاڻي تڪرار تي ڳالهين دوران پاڪستان چناب درياهه تي تعمير ٿيندڙ پڪل ڊل ۽ لوئر ڪلنائي بجلي گهرن تي اعتراض برقرار رکيو. پاڪستاني ۽ ڀارتي انڊس واٽر ڪمشنرن وچ ۾ ڳالهين جي پهرين دور ۾ ڀارتي وفد جي سربراهي ڀارتي انڊس واٽر ڪمشنر پي ڪي سڪسينا، جڏهن ته پاڪستاني وفد جي سربراهي پاڪستان انڊس واٽر ڪمشنر مهر علي شاهه ڪئي. ڳالهين دوران پاڪستان چناب درياهه تي تعمير ٿيندڙ ڀارت جي هائيڊرو پاور پراجيڪٽن پڪل ڊل ۽ لوئر ڪلنائي بجلي گهرن تي اعتراض برقرار رکيو. پاڪستاني اختيارين مطالبو ڪيو ته پڪل ڊل ۽ لوئر ڪلنائي پن بجلي گهرن جي ڊزائن تي اعتراض آهي، تنهن ڪري پڪل ڊل پاڻي ذخيري جي سطح 5 ميٽر گهٽ ڪئي وڃي ۽ اسپل ويز جي گيٽ سطح سمنڊ کان 40 ميٽر وڌيڪ مٿي ڪئي وڃي، جڏهن ته پڪل ڊل آبي ذخيري ۾ پاڻي ڇڏڻ جو طريقي ڪار واضح ڪيو وڃي. واضح رهي ته 2013ع کان هيل تائين انهن منصوبن تي ڳالهين جا 7 رائونڊ ٿي چڪا آهن ۽ هاڻ ٻن ڏينهن وارين ڳالهين جو ٻيو دور سڀاڻي ٿيندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے