15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: ميرپورخاص: آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

Mirpurkhas: protesters protest against water shortageميرپورخاص ۾ آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

فقير محمد هاشم، نور حسين ۽ آچار درس سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ ڀان بلالاڻي شاخ جي ڪيترن ئي آبادگارن پاڻي کوٽ ٿيڻ ڪري آپباشي عملدارن خلاف احتجاج ڪيو.

آبادگارن الزام هنيو ته اڳوڻي ايس ڊي او سب ڊويزن نئون ڪوٽ رشوت عيوض سب ڊويزن جي منڍ دڙيلو کان 22 ميل موري تائين پاڻي جو نظام خراب ڪري ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته ڀان ۽ بلالاڻي شاخون ايف او حوالي آهن پر ايس ڊي او کين پنهنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏئي، جنهن سبب پوکيل فصل سڙي تباهه ٿي رهيا آهن.

سندن چوڻ هو ته آبپاشي تحت پندرهين ڏينهن پاڻي ڏيڻ آهي، پر آبپاشي کاتي جا عملدار مهيني ۾ هڪ ڀيرو به پاڻي نٿا ڏين.

آبادگارن چيو ته اڳوڻو ايس ڊي او پاڻي جو نظام سڌارڻ بدران سياسي مداخلت ڄاڻائي مٿن پاڻي چوري جا الزام هڻي رهيو آهي.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڀان ۽ بلالاڻي شاخن ۾ پاڻي جي ترت فراهمي يقيني بڻائي کين نقصان کان بچائين………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : پاڻي جي کوٽ خلاف جوهي جي آبادگارن جو ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج

پاڻي جي کوٽ خلاف جوهي جي آبادگارن جو ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج رپورٽ : …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے