16 جمعہ , نومبر 2018

فلم ”منٽو“ لاءِ نوازالدين جي معاوضي سڀني کي دنگ ڪري ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار نواز الدين صديقي پنهنجي جاندار اداڪاري ۽ ڪردار ۾ گهڙي وڃڻ سبب شهرت رکي ٿو ۽ اهو ئي سبب آهي جو کيس ورسٽائل اداڪار چيو ويندو آهي. نوازالدين صديقي پنهنجي فلمي ڪيريئر ۾ هيل تائين جيترا به ڪردار نڀايا آهن، اهي مداحن کي ڏاڍا پسند آيا آهن ۽ سندس شمار بالي ووڊ جي ٽنهي خانن سان گڏ ڪم ڪندڙ ڪجهه ئي اداڪارن ۾ ٿيندو آهي. نواز الدين صديقي ناليواري افساني نگار سعادت حسن منٽو جي حياتيءَ تي ٺهيل فلم ۾ مک ڪردار نڀايو آهي، جنهن جي ٽريلر ۽ ڊائيلاگز پروموز کي ڏسندڙن طرفان سٺي موٽ ملي آهي. فلم ”منٽو“ کي هلندڙ سال ”ڪانز فلم فيسٽيول“ ۾ به پيش ڪيو ويو هو، جتي فلم کي ڏاڍو پسند ڪيو ويو پر هاڻ ان فلم لاءِ نوازالدين جي معاوضي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. فلم ”منٽو“ جي هدايتڪارا نندتا داس پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته فلم لاءِ رشي ڪپور ۽ جاويد اختر هڪ پئسو به وصول نه ڪيو، جڏهن ته فلم ۾ سعادت حسن منٽو جو ڪردار نڀائيندڙ نوازالدين صديقي ان ڪردار لاءِ رڳو هڪ رپيو معاوضو ورتو آهي. واضح رهي ته رشي ڪپور فلم ”منٽو“ ۾ فلم پروڊيوسر، جڏهن ته جاويد اختر شاعر ”عابد علي عابد“ جو ڪردار ادا ڪيو آهي. فلم ”منٽو“ 21 سيپٽمبر تي سئنيما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

جيڪڏهن احد ۽ مومنه ڪوڪو ڪورينا ڳائي سگهن ٿا ته جگر جلال ڇو نه؟

ڪراچي(شوبز نيوز)ڪوڪ اسٽوڊيو سيزن 11 ۾ گذريل مهيني احد رضا مير ۽ مومنا مستحسن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے