18 اتوار , نومبر 2018

ميانمار حڪومت روهنگيا بابت گڏيل قومن جي ماهرن جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي

نيپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار حڪومت گڏيل قومن جي خاص ماهرن جي اها رپورٽ رد ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ فوج جي اعليٰ قيادت تي الزام لاڳو ڪيو ويو آهي ته اها روهنگيا مسلمانن خلاف جنگي ڏوهن ۾ ملوث رهي آهي. ميانمار جي حڪومتي ترجمان واضح ڪيو آهي ته اهي انساني حقن واري ڪائونسل جي ڪنهن به قرداد کي تسليم نٿا ڪن. حڪومت انهن الزامن کي بي بنياد قرار ڏنو آهي. ميانمار حڪومت گڏيل قومن جي جاچ آفيسرن کي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت به نه ڏني هئي. ميانمار حڪومت وڌيڪ چيو آهي ته گڏيل قومن جي ماهرن ۽ ٻين عالمي تنظيمن جي بي بنياد الزامن جي جاچ لاءِ خاص ڪميشن قائم ڪئي وئي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوئيٽا ۾ بارودي سرنگهه جي ڌماڪي ۾ 3 سيڪورٽي اهلڪار شهيد، 4 زخمي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)مارگٽ ۾ بارودي سرنگ جي ڌماڪي جي نتيجي  ۾ 3 سيڪورٽي اهلڪار شهيد، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے