13 منگل , نومبر 2018

ٿر جي امدادي ڪڻڪ ورڇ ۾ پنهنجا نوازي، بي آءِ ايس پي ڪارڊ سبب اصل متاثر رهجڻ جو خطرو

مٺي(رپورٽ: غازي بجير) سنڌ حڪومت پاران ٿر کي ڏڪار سٽيل علائقو قرار ڏيڻ کانپوءِ امدادي ڪاررواين جي حوالي سان ڪوٺايل سنڌ ڪابينا جي پهرين گڏجاڻي ۾ ٻه اکيائي ڪندي مذاق اڏائي ڇڏيو آهي، گذريل ڏڪار دوران سنڌ حڪومت ٻه لک 87 هزار 949 خاندانن ۾ ڪڻڪ ورهائي هئي،هن دفعي نئين آدمشماري تحت خاندان وڌيا آهن، بي آءِ ايس پي ڪارڊن تي ورڇ واري  حڪومتي فيصلي بعد هن ڀيري لکين خاندان امدادي ڪڻڪ کان رهجي وڃڻ جو خدشو آهي،ٿر ۾ امدادي ڪڻڪ جي ورهاست شروع نه ٿي آهي، ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر غلام قادر جوڻيجو عوامي آواز کي ٻڌايو ته مون جيڪا سمري موڪلي هئي انهي ۾ ٽي لک 24 هزار خاندان متاثر ڄاڻايل هئا،پر هن وقت اهڙو ڪوبه فيصلو ناهي ٿيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڪارڊ تحت ڪڻڪ ورهائجي پر هڪ ڪاميٽي ٺاهي ويئي آهي جيڪا ڪاميٽي انگ اکر گڏ ڪندي ته اصل متاثر خاندان ڪيترا آهن ته جيئن انهن ۾ ڪڻڪ ورهائي وڃي،منهنجي پنهنجي ذاتي ڪوشش اها آهي ته ڪڻڪ انهن کي ملي جيڪي واقعي ڏڪار متاثر آهن،ذريعن موجب صرف بينظير ڪارڊ رکندڙ عورتن کي ڪڻڪ ڏني ويندي ته  لکين خاندان رهجي ويندا،ڇو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت صرف 88 هزار عورتن وٽ ڪارڊ آهن انهن مان به ڪيتريون امير آهن، ٻئي پاسي ٿر جي ڏڪار متاثرين پاران اهڙي فيصلي جي صورت ۾ احتجاج ڪرڻ جو چتاءُڏيندي شناختي ڪارڊ تحت ڪڻڪ ورهائڻ جو مطالبو ڪيو آهي،ٻئي پاسي ٿر ۾ ڏڪاري حالتون سنگين ٿي ويون،سول اسپتال مٺي ۾ خوراڪ ۽ سهولتن جي کوٽ سبب وڌيڪ ٽي ٻارڙا فوت ٿي ويا،هلندڙ مهيني ٻارڙن جو انگ 47 ٿي ويو.فوتي ٻارڙن ۾ ٻن سالن جي حوا، ڇهه ڏينهن جو نعمت الله ۽ اٺ مهينن جي مهناز شامل آهن.1129

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪرپٽ صرف سياستدان نه ٻيا به آهن، رياست جي ڪردار ۽ پاليسي تي بحث جي ضرورت آهي: رضا رباني

اسلام آباد (م ڊ) پ پ اڳواڻ ۽ سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ميان رضا رباني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے