17 ہفتہ , نومبر 2018

انٽرپول جو مشرف کي گرفتار ڪرڻ کان انڪار، اڪرم شيخ ڌار

اسلام آباد(م ڊ) سنگين غداري ڪيس ۾ گهرو سيڪريٽري عدالت ۾ پرويز مشرف جي گرفتار نه ٿيڻ تي جواب داخل ڪرائي ڇڏيو جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انٽرپول اڳوڻي صدر جي گرفتاري لاءِ ڏنل درخواست کي رد ڪري ڇڏيو. خاص عدالت گهرو سيڪريٽري کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪيو هو خاص عدالت جي سربراهه جسٽس ياور علي ۽ جسٽس نذر محمد اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي خلاف سنگين غداري واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي گهرو سيڪريٽري عدالت ۾ پيش ٿيو. گهرو سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته حڪومت پرويز مشرف کي آڻڻ لاءِ انٽرپول کي درخواست ڪئي هئي پر انٽرپول درخواست رد ڪري ڇڏي. گهرو سيڪريٽري موجب انٽرپول اختيارين ٻڌايو ته سندن قانوني دائري ۾ سنگين غداري ڪيس نٿو اچي. گهرو سيڪريٽري جي جواب تي عدالت تي انٽرپول کي ڏنل جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ٻڌڻي دوران خاص عدالت جي سربراهه جسٽس ياور علي پڇاڻو ڪيو ته ڇا پرويز مشرف جو 342 جو بيان اسڪائپ تي وٺي سگهجي ٿو؟  ڇا 342 جي بيان کانسواءِ ڪارروائي اڳتي نٿي وڌي سگهي؟ عدالت هدايت ڪئي ته ايندڙ ٻڌڻي تي اسڪائپ تي بيان وٺڻ يا ان کانسواءِ ڪارروائي وڌائڻ تي دليل ڏنا وڃن جڏهن ته عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 10 سپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.ٻئي طرف سرڪاري وڪيل اڪرم شيخ کي عدالت ڪيس کان ڌار ٿيڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. هاڻ هو هتي ڪيس نه وڙهندو. 1129

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ هي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے