21 بدھ , نومبر 2018

پيمرا ۽ پي پي سي ختم، پرنٽ اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي ڪنٽرول لاءِ گڏيل ادارو ٺاهڻ جو فيصلو

اسلام آباد(م ڊ) سڌسماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري پاڪستان اليڪٽرنڪ ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي ۽ پريس ڪونسل کي ختم ڪري پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا لاءِ هڪ ئي اٿارٽي جوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي. اسلام آباد  ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سڌسماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري  جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته مولانا فضل الرحمان لاءِ پارليامنٽ بوگس آهي ۽ ووٽ جعلي آهي پر  هو اهڙي جعلي ووٽن واري پارليامنٽ مان ووٽ وٺي صدر بڻجڻ خواهشمند آهي. وفاقي وزير ٻڌايو ته ميڊيا جي ماڻهن جي راءِ سان فيصلو ڪيو، پيمرا ۽ پريس ڪونسل ٻنهي کي ختم ڪري رهيا آهيون، پاڪستان ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي ٺاهي رهيا آهيون جيڪا نه رڳو اليڪٽرانڪ پر پرنٽ ميڊيا ۽ ان سان گڏوگڏ سوشل ميڊيا تي به نظر رکندي. سندس چوڻ هو ته انهن سمورين شين لاءِ هڪ ئي ريگوليٽري اٿارٽي هئڻ گهرجي، سموري ميڊيا تي هڪ ئي قانون ۽ سنسر لاڳو ٿيڻ گهرجن، ان سان رياست جا وسيلا بچندا، سمورين اٿارٽين کي ضم ڪري پروفيشنلز جي اٿارٽي ٺاهينداسين جنهن ۾ ميديا جي ماڻهو به شامل هوندا. فواد چوڌري جو چوڻ هو ته ايندڙ ڏينهن ۾ سڌ سماءَ واري وزارت، ريگوليٽري باڊيز ۽ پي ٽي وي ۾ پڻ تبديليون نظر اينديون. اطلاعات واري وزارت جي ادارن ۾ به نمايان تبديلي آندي پئي وڃي. هن چيو ته پي ٽي وي تي سينسرشپ ختم ڪئي وئي آهي ۽ مخالف ڌر کي مناسب وقت ڏنو پيو وڃي جنهن تي مخالف ڌر کي ٿورا ادا ڪرڻ گهرجن. اطلاعات واري وزير سينيٽ مان مخالف ڌر جي واڪ آئوٽ جي حوالي سان تبصرو ڪندي چيو ته سينيٽ جي اجلاس دوران مخالف ڌر پارٽين بنا جواز ايوان جي ڪارروائي روڪي ۽ ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو، اجلاس جي ڪارروائي تي لکين رپيا خرچ ٿين ٿا جيڪي قوم کي برداشت ڪرڻا پون ٿا. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) ايوان جي ڪارروائي جو ان لاءِ بائيڪاٽ ڪيو ڇو ته پي ٽي آءِ جي هڪ ميمبر ويجهڙ ۾ اشتهاري مهم تي سرڪاري خرچن جا تفصيل گهريا هئا. سينيٽ ۾ مخالف ڌر پاران جيڪو واڪ آئوٽ ٿيو آهي ان جو اصل سبب اهو آهي ته ماضي جي حڪومت هڪ سال ۾ اشتهارن جي مد ۾ 23 ارب رپيا خرچ ڪيا ۽ اشتهار ڇاپيا ويا. ان وقت به عمران خان چيو هو ته حڪومت اشتهارن تي هلي رهي آهي. سرڪاري اشتهارن جي حوالي سان حڪومت هڪ ڪميٽي ٺاهي آهي. ذاتي تشهير جي لاءِ سرڪار جو پئسو استعمال نه ٿيندو. هن چيو ته ٻنهي طرفن کان ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته ايوان کي خوش اسلوبي سان هلائين. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان سينيٽ اجلاس ۾ شرڪت ڪري پنهنجو موقف پيش ڪيو ۽ پهرين ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو ۽ پارليامينٽ کي اهميت ڏني. اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف سينيٽ جي اجلاس ۾ ان لاءِ نه ايندو هو ته سندس سينيٽ ۾ اڪثريت نه هئي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان وفاقي وزيرن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي پارليامينٽ کي اهميت ڏين ۽ سوالن جا جواب ڏين ڇو ته قوم پنهنجي چونڊيل نمائندن ڏانهن ڏسي رهي آهي. هن چيو ته پي ٽي وي نيشنل کي پي ٽي وي سياست ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي ته جيئن اهو پارليامينٽ، صوبائي اسيمبلين ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽين جا اجلاس سڌوسنئون عوام کي ڏيکاري. ان حوالي سان عوام کي اندازو ٿيندو ته مخالف ڌر بي توقيري جو مظاهرو ڪري رهي آهي يا حڪومت. مولانا فضل الرحمان جي صدارتي اميدوار هجڻ جي حوالي سان اطلاعات واري وزير چيو ته جيڪو پارليامينٽ کي جعلي ۽ بوگس چوي ٿو اهو ان پارليامينٽ مان ووٽ وٺي صدر پڻ بڻجڻ چاهي ٿو. سوال اهو آهي ته صدر جي ووٽ جي لاءِ پارليامينٽ حلال هجي ٿي ۽ ان لاءِ اهي شيون حلال آهن. فواد چوڌري چيو ته گذريل ڏينهن ڪابينا جي اجلاس ۾ جيڪي فيصلا ٿيا آهن حڪومت انهن کي سنجيدگي سان وٺي رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته پيپلزپارٽي جي اعتزاز احسن سنجيده ۽ ناليواري شخصيت آهي هو صدر جي چونڊ وڙهي رهيو آهي. موجوده صورتحال ۾ صدارتي چونڊ هڪ طرفي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ڊاڪٽر عارف علوي واضح اڪثريت سان ڪامياب ٿي ويندو. هن چيو ته مريم نواز وزيراعظم هائوس مان ويهي پارتي ميڊيا سيل هلايو. 0329

هي به ڏسي سگهو ٿا

اينٽي ڪرپشن ڪم نه ڪيو ته سندس خلاف ڪيس نئب کي موڪليون: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته ڪم نٿو ٿئي ته اينٽي ڪرپشن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے